Writer:Goman Mal Rathore

ڪائنات جي تخليق ۽ انسان


هن وسيع ۽ راز دار موضوع تي انيڪ سائنسدان پنهنجون ٿيوريز ۽ نظريا پيش ڪري چڪا آهن، دنيا جهان جا ڏاها مذهبي عقيدن، سائنسي جاکوڙ، ۽ تحقيقي ادارن کان ويندي اديبن، شاعرن، ۽ سنتن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن کي به اڃا تائين آخري نقطو ملي نه سگهيو آهي، ته دنيا ڪئين ٺهي، ۽ زندگي ڪئين وجود ۾ آئي. انهيءَ راز کي سمجهڻ لاءِ هم راز ٿيڻو پوندو، ان کان اڳ ان جي خبر لهڻ مشڪل آهي، ٻيو ته انهي راز کي جيڪو به پرکي ٿو، اهو ان گونگي وانگر آهي، جيڪو ڳڙ جو ڳنڍو وات ۾ ته وجهي ٿو، پر ان جي مٺاس کي بيان ڪري سمجهائي نٿو سگهي. راز جي پارکوئن پرولين ۾ ڳجها نظريا پيش ڪيا آهن، جن کي سمجهڻ لاءِ به اڀياس ڪرڻو پوندو، وڏين عمارتن، ۽ وڏن اوزارن جي به ضرورت ناهي ته اهو راز پرکيون پر ماڻهو کي پنهنجي اندر ۾ ليب قائم ڪري اڀياس ذريعي راز تائين رسد ماڻڻي پوندي. پهريان اسين انهن شين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي دنيا جي ماهرن پيش ڪيون آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب
”انسان جي تاريخ“ ۾ مصنف مختلف حوالا ڏنا آهن، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اسان جي زمين کي پيدا ٿئي 2 ارب ورهيه ٿيا آهن، جنهن مان اٽڪل هڪ ارب ورهيه تائين ته ڪوبه ٻوٽو يا ساهه وارو ڪونه هو، بعد ۾ اول ٻوٽا پيدا ٿيا، پوءِ جيتامڙا، پوءِ جيت ۽ اٽڪل ويهن ڪروڙن ورهين کان جانور به پيدا ٿيا، پڇاڙي ۾ گوريلا نالي باندر پيدا ٿيو، انهيءَ کان پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳ ”انساني نسل“ وجود ۾ آيو، اول ته اهو انساني نسل وحشي ۽ جهنگلي هو، پر هن وقت جيڪو نسل موجود آهي، انهيءَ جو بنياد اٽڪل 7 هزار ورهيه اڳ کان وٺي پيو آهي، جنهن کي عربي ۾ ”اشرف المخلوقات“ سڏيو وڃي ٿو.
پٿر جي دور جي انسان بابت ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته سائنسدان جي چوڻ موجب اربين سال اڳ سڄي آسمان ۾ ٻرندڙ گئسن جا ٽڪرا هئا، جن کي نيبولا چون ٿا، اهي ڪشش ثقل جي قاعدي موجب هڪ ٻئي جي چئوطرف ڦرڻ ڪري گول تارا ٿي پيا، هي سج به هڪ تارو آهي، جيڪو ٻين کان وڏو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان جو ڪارڻ هو ٻين جي ڀيٽ ۾ ويجهو آهي، سج مان ڪيترائي ٽڪرا ٽٽي ننڍا تارا ٿي پيا. جي ڪشش ثقل جي اصول پٽاندڙ سندس چوڌاري ڦرڻ لڳا، انهن کي اسان گرهه يا سيارا چئون ٿا، هي ڌرتي به هڪ گرهه آهي، جا اٽڪل 2 ارب ورهيه اڳ سج کان جدا ٿي، ۽ ٻيا مکي گرهه هي آهن، ٻڌ يا عطار، شڪر يا زهده، منگل يا مريخ، وسپت يا مشتري، ڇنڇر يا زحل، يونس، نيپچون، پلوٽو ۽ ولڪن آهن.
ڌرتي سج کان ٽٽي ڪشش ثقل جي اصول مواقفق سندس چوڌاري ڦرڻ لڳي، شروعات ۾ سج وانگر ٻرندڙ گولو هو، ڪروڙين ورهيه اهڙي طرح ڦرڻ بعد آهستي آهستي ٺرڻ لڳي، ڌرتي جڏهن ٺري وئي ته گئسن مان پٿر ۽ ٻيا قسمين قسمين ڌاتو تيار ٿيڻ لڳا، گئسن مان هوا تيار ٿي، جيڪا ڌرتي کي وڪوڙي رهي ٿي، ۽ اهي گئس ۽ بخار هوا ۾ ملڻ سان ڪڪر ٿيڻ لڳا، جن مان مينهن ۽ برف وسڻ لڳي، ۽ زمين تي پهچڻ شرط گرمي سب بخار ٿي وري مٿي هليا ٿي ويا، ۽ وري مينهن وسندو رهيو، اهو سلسلو به لک ورهيه هلندو رهيو. ۽ انهي وچ ۾ ڪافي گئسون جبلن کي ڦاڙي نڪرڻ ٿي لڳيون، ڪافي هنڌن تي ٽامون  ٻيا اهڙا ڌاتو به جبلن کي ٽوڙي وهڪرو بنائيندي ٿي رهيا، ان ڪري جبلن ۾ غار ٿي پيا، ڪروڙين ورهين بعد نيٺ اهڙو دور به آهي، جو ڌرتي جا ڪجهه حصا اهڙا ٺري ويا جو ان تي پاڻي بيهي ويو ۽ سمنڊ ٺهڻ لڳا، ماهرن جو اندازو آهي ته پهريان اتر ۽ ڏکڻ قطب ٿڌا ٿيا ۽ اتي ئي پاڻي بيهي سگهيو، ڌرتي جي پيدائش بابت مختلف روايتون ۽ عقيدا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
* توريت جي باب پهرين ۾ لکيل آهي ته خدا تعاليٰ شروعات ۾ پهرين ڏينهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيا، ساڳئي روشني، ۽ اوندهه به خلقيائين، ٻئي ڏينهن فضا، ٽئين ڏينهن خشڪي، سمنڊ، گاهه، ٻجن واريون ٻوٽيون ۽ ميوي دار وڻ پيدا ڪيائين، چوٿين ڏينهن تارا، پنجين ڏينهن جانور ۽ ڇهين ڏينهن انسان پيدا ڪيائين.
* قرآن شريف ۾ روايتن موجب خدا تعاليٰ سڀ کان اول حضرت محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو نور خلقيو، ان بعد عرش، فرشتا ۽ ڪائنات، جنهن ۾ ڌرتي پڻ اچي وڃي ٿي پيدا ڪئي، خدا تعاليٰ ساري ڪائنات 6 ڏينهن ۾ خلقي.
* وچ هندستان جي هڪ قديم قوم سنتال جي روايت آهي ته پهرين ٺاڪرجي هو، بعد ٺاڪرجي جي نوڪرن انسان ٺاهڻ جي خواهش ڏيکاري، ٺاڪرجي حڪم ڪيو ته سمنڊ جي وچ ۾ غار اندر مالن ٻڌي کي وٺي اچو جنهن پتلا به ٺاهيا پر غلطي سان پکين جو ساهه وڌو، جنهن مان پکي پيدا ٿيا، جن لاءِ زمين ۽ پاڻي به ٺاهيائين.
* ميڪسيڪو جي ويجهو اريزونا ٻيٽن جا ڳاڙها رهاڪو چون ٿا ته شروع ۾ سمنڊ هو، جنهن جي سرن تي ديوتا رهندا هئا، جن انڊلٺ تي وڃي هڪٻئي سان ملاقات ڪئي ۽ پاڻ ۾ مشورن بعد پهرين سج، چنڊ، تارا، آسمان ۽ ٻيا ڪائنات ٺاهيائون ۽ بعد ۾ زمين خلقيائون.
* قديم بابلين جي چوڻ موجب پهرين پاڻي ئي پاڻي هو، جنهن ۾ ارڙو آپسو ۽ طيامت رهندا هئا، پاڻ ۾ وڙهي پيا، آپسو قيد ڪيو ويو بعد ۾ ”بعل مردوخ“ طامت کي قيد ڪري ان جا ٽڪرا ڪيا، جنهن جي هڪ ٽڪر مان زمين ۽ ٻئي مان ڪائنات ٺهي.
* سن 1873ع ۾ نينوا جي کنڊرن ۾ مشهور علم دوست بادشاهه اشور بيني بال جي لائبرير مان ڪجهه تختيون مليون، جيڪي 22 يا 23 صديءَ قبل مسيحيءَ جون ڀانئجن ٿيون، ان جو خلاصو هي آهي ته اڳ ۾ پاڻي ئي پاڻي هو، جنهن مان ديوتا پيدا ٿيا، جن انتظام ڪرڻ چاهيو ته آپسوءَ کي ڳالهه نه وڻي، طيامت کي ٽڪرا ڪري زمين ٺاهي وئي ۽ مردوخ ديوتا حڪم ڪيو ته منهنجي رت ۽ هڏن مان انسان ٺاهيو، جنهن ڪري ايئن ئي ڪيو ويو.
* هندن جو هڪ عقيدو آهي ته ست پتا برهما ۽ برهمدارنياڪه اپشد مان نقل ڪندي سوامي آتمانند پنهنجي مشهور تصنيف ”ودارٿ پرڪاش“ جي صفحي 73، 74ع تي لکي ٿو ته پرميشور اڪيلو هو، پاڻ کي ڊگهو ڪري ٻه ٽڪرا ڪيائين، هڪ نر ۽ ٻي مادي، پوءِ مادي لڪي وئي ۽ پاڻ کي ڳئون، گهوڙي، گڏهه ۽ مينهن وغيره بنائيندي رهي، ۽ پرميشور به پنهنجا روپ بدلائيندو رهيو ۽ پرميشوري جوڙي مان انسان جو پهريون جوڙو پيدا ٿيو.
يونانين، هندن، يهودين، عيسائين، مسلمانن جا الڳ الڳ عقيدا سامهون اچن ٿا، آمريڪا، آفريڪا ۽ ملايا جا رهاڪو پاڻ کي جانورن جو اولاد سمجهن ٿا.
نئين زماني جا مفڪر ۽ محقق يوناني فلسفين کي پنهنجو هادي سمجهن ٿا، 3 هزار سال اڳ انسان جي آهستي آهستي ترقي جي دعويٰ ڪئي. سڀ کان پهريان يونان جي شهر مليٽيس جي رهندڙ انيڪز ميڊر اهو نظريو پيش ڪيو، سندس وفات 548 (ق. م) آهي. ان کان وڌيڪ چٽي نموني سان ايمپيڊو ڪلس (430 کان 500 ق. م) پيش ڪيو. ان ڪري کيس ارتقائي نظريي جو ابو سڏيو وڃي ٿو. ارسطو ۽ آگسٽائين (353 – 430)ع) به انهيءَ نظريي جا حامي هئا. مسلمانن ۾ ابن باجا، ابونصر فارابي، ابن مسڪيوه وغيره انهيءَ سلسلي ۾ چڱي کوجنا ڪئي، ابن طفيل سڀني کان اڳڀرو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن پنهنجي خيالن کي ”حي بن يقطان“ نالي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو.
16 صدي تائين انهن نظرين ۾ ڪوبه ڦيرڦار ناهي ٿي، بعد ۾ يورپ جي بيڪن، ڊيڪارٽ، ڊي ميلٽ، ماپر چوئس ان بابت تحقيقات ڪئي.1707ٿ ۾ بفن ڪم ڪيو، پر بعد ۾ چارلس ڊارون ۽ سندس ڏاڏي ايراسمس ڊارون (1731 – 1806ع) انهي ڏس ۾ چڱو ڪم ڪيو.
جنهن بعد لامارڪ ۽ سندس دوست جيو فراءِ به ان تي ڪم ڪيو ۽ جيو گهرڙي کان آگاهه ڪيو، جنهن ويليڪ۽ هيو گوڊي ويئرس ۽ ارنيسٽ هيڪل تائيد ڪئي، ۽ انسان کي ڪروڙين اربين جيو گهرڙي مان ٺاهيل هجڻ جو ڄاڻايو.
اربين سالن جي سفر بعد آگ جي گولي ڌرتي جو روپ ورتو، ڌرتي تي جماد جو وجود پيدا ٿيو، جماد ڪروڙين سالن جي سفر بعد نباتات جي شڪل ۾ خاصيت حاصل ڪئي ۽ ساڳئي سفر ڪروڙين سالن بعد نباتيات حيوانات جو شرف حاصل ڪيو، پهرين جيت جراثيم ٺهيا، جن کي ايموبيا جو نالو ڏين ٿا، جنهن بعد پاڻي جا جانور پيدا ٿيا ۽ تقريبن 14 ڪروڙ سالن جي سفر کانپوءِ خشي جي مخلوق ٺهي، جيڪا مختلف روپ ڪدي، باندرن ۽ پوءِ انسان جو روپ ڌاريو، جنهن کي اشرف المخلوقات ڪوٺجي ٿو.
ميگهه ونس ڪتاب جي خالق لکيو آهي ته ويد واڻي جي ”پُرش سوڪت ۾ ڄاڻايل آهي ته پهريائين پاڻ ”پرميشور“ هو، جيڪو سڀني جو سوامي ۽ مالڪ آهي، اکنڊ جَڙاڪار (جَل) تي هڪ بيضو پرگهٽ ٿيو، جيڪو هزار سورجن کان به وڌيڪ چمڪندڙ هو، شري نارائڻ ڀڳوان ان تي هڪ هزار ورش براجمان رهيو، ان بعد ”برهما“ کي اُپتن ڪري، سموري ”برهمانڊ“ جو مالڪ وَ سوامي بنايو هو، جنهن بعد هڪ پرش ٺهيو، جنهن جي من مان چندرما، اکين مان سورج، ۽ ناڀ مان انترکيه اتپن ٿيا، بعد اگني پاڻ پيدا ٿي، اهو سڀ ڪجهه پاڻ پرميشور ٺاهيو. (نوٽ: هي معلومات مختلف ڪتابن مان ورتي وئي آهي)


مينڌرو ڪاجهروي
جرنلسٽ، حيدرآباد

0 comments:

Post a Comment