مالهڻ ديوي جي جيون ڪٿا
اوم
ويريشال سُوايه وِدو ميهه، مهاديوي
ڌي
مهي، تنو مالهڻ رايه، پرچو ديات نموهه.
جوناگڍ ضلعي جيسمير
راجسٿان هندستان ۾ ويرسيال پرمار پاٽوي هو، جنهن کي ٽي اولاد 2 پٽ نالي ورڻ ۽ جاگو
۽ هڪ ڪنيا مالهڻ ديوي هئا. 3 راڻيون هيون، راڻي امرت ڪنور ڀٽياڻي مان شري مالهڻ جي
سنبت 86 ماگهه سُڏ چوڏس ۽ پونم جي گهڙين ۾ وار ڇنڇر جو جنم ورتو، جنم وٺندي ئي
ڪنيا خود اشنان ڪيو ۽ سمهي رهي، اهو ڏسي دائي چيو ته هي ڪو ماياوي آهي، ماءُ جي
لاءِ جيڪو کاڌو ايندو هو، اهو ڪنيا ماءُ کان پهرين کائي ويندي هئي. اهڙي طرح ڇهه
ڏينهن گذري ويا، ستين ڏينهن هن ڳالهه جي خبر هن جي پتا ويريسال کي پئي، تڏهن
ويريسال پنهنجي نوڪر کي حڪم ڏنو ته هن ماياوي ڪنيا کي جهنگ ۾ ڇڏي اچو، جو نوڪر
انهيءَ ڪنيا کي جهولي ۾ وجهي جهنگ طرف روانو ٿيو، رستي ۾ هڪ ڪنڀار جي نهائين جلندي
ڏسي ان ڪنيا کي نهائين ۾ رکي ڇڏيو، صبح جو جڏهن نالي جگو ڪنڀار هن ڪنيا کي نهائين
ٻرندڙ ۾ زندهه ڏٺو ته هن ڪنيا کي کڻي ورتو ۽ سوچيو ته هي ڪو اوتار آهي جگو ڪنڀار
کي ڪوبه اولاد نه هو، هو ان ڪنيا کي پنهنجي گرو شنڪر ناٿ وٽ (جانرا جيسلمير) وٺي
ويو، گرو چيو ته هن ڪنيا جو پالڻ پوشڻ ڪر، تنهنجا سڀ سنڪٽ دورٿي ويندا، جگو ڪنڀار
گرو کي چيو ته بنا ماتا جي کير سواءِ هي ڪنيا ڪئين وڏي ٿيندي، تڏهن گرو چيو ته
تنهنجي پتني اشنان وغيره ڪري سوريه ديو کي ارڪُ ڏي جو ان سان کير ٿيندو، جو جگو
ڪنڀار جي پتني سورهيه ديو کي ارڪ ڏنو ته ان جي ٿڻن مان کير جي ڌار وهڻ لڳي ۽ ان
ڪنيا جو پالڻ پوشڻ ٿيڻ لڳو، برهمڻ کي گهرائي ان ڪنيا جو نالو مالهڻ رکيو ويو.
وڪرم سنبت 87 ۾ جگو
ڪنڀار جي گهر ٻي ڪنيا جنم ورتو، جنهن جو نالو ڪيولان رکيو ويو ۽ جگو ڪنڀار جي پاڙيسري
ڏيسر (ڏيسلا) لوهار جي گهر ۾ نالي لالان سنبت 87 اسو سُڏو پڙوا جي ڏينهن جنم ورتو،
شري مالهڻ جي ڪيولان ۽ لالان پاڻ ۾ گهاٽيون سيهليون ٿي پيون ۽ گڏ راند ڪنديون
هيون.
هڪ ڏينهن ٽيئي سهليون
ٻين ٻارن سان گڏجي واري جا گهرڙا ٺاهي راند روند ڪري رهيون هيون، ته ان وقت راجا
ويريسال پنهنجي نوڪرن سان گهوڙن تي سوار ٿي اتان اچي لنگهيو، انهن کي ايندو ڏسي
مالهڻ جي انهن واري جي گهرڙن جي چئني طرفن پنهنجي گرو شنڪر ناٿ جو نالو وٺي گهيرو
(ريکا) ڏيئي ڇڏيو، چيوته گهوڙن کي ٻئي
پاسي کان وٺي وڃو، راجا ڳالهه نه مڃي ۽ گهيرو ٽوڙي واري جي گهرڙن کي پار ڪيو ته ان
جا گهوڙا ڪري مري ويا، ٻيا سڀ ٻار اتان ڀڄي ويا، ليڪن مالهڻ ڪيولان ۽ لالان اُتي
ئي بيٺيون رهيون، راجا ويريسال پڇيو ته توهان ڪير آهيو تڏهن مالهڻ جي چيو منهنجو
گرو شنڪر ناٿ آهي، ۽ جگو ڪنڀار منهنجو پيءُ آهي، ويرسيال جگو ڪنڀار کي اُتي گهرايو
۽ پڇيو ته هي ڪنيا ڪنهن جي آهي، جنهن کي جگو ڪنڀار چيو ته هي ڪنيا مون کي جلندڙ
نهائين مان ملي هئي، راجا پنهنجي نوڪر کي گهرائي ماياوي ڪنيا کي جهنگ ۾ ڇڏڻ جو
پڇيو تڏهن نوڪر چيو ته مون انهي ڪنيا کي جلندڙ نهائين ۾ ڇڏي هئي، تڏهن راجا
ويريسال مالهڻ کي چيو ته هي ڌي مون کان وڏي غلطي ٿي آهي، تون منهنجي ڌي آهين، هاڻ
گهر هل تڏهن مالهڻ جي چيو ته واپس جوناگد نه هلندس، پنهنجي ناناڻي .”ڪوهرا“
جيسلمير ۾ رهندس. جو مالهڻ جگو ڪنڀار کي گڏ وٺي پنهنجي ناناڻي ڳوٺ پاٽڻ ۾ ماما
چندر شيخر وٽ وئي. جگو ڪنڀار اتي ست ڏينهن رهڻ بعد پنهنجي گهر موٽي آيو، پوءِ ماما
مالهڻ جي شادي چاوڙ ڀوپ سان طئه ڪري ڇڏي، تڏهن مالهڻ جي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو مان
ماما اکنڊ ڪنواري آهيان، شادي نه ڪنديس، ليڪن ان جو مامون ڪنڪو پتري موڪلي راجا ويرسال،
جگو ڪنڀار کي گهرائي ورتو، ۽ ڪيولان ۽ لالان به پهچي ويون.
شادي جون تاريون ڌام
ڌوم سان ٿيڻ لڳيون، ڄڃ آئي، چونئري جوڙائي وئي، ٽئين ڦيري ۾ چونري، تورڻ ۽ سڄي
مڏاڻ سميت اڏاميو جو اڳتي ڪٿي چونري ۽ ڪٿي تورڻيو ڪريا ۽ ڀرتار کي اچي ڀوءِ ٿيو ۽
چيو ٻائي سنڀال ڊپ ٿو لڳي، جنهن تي ٻڌل پلا وڍيا ۽ ڀوپ اُتي رهيو، مالهڻ جي ڪيولان
۽ لالان هنس تي سوار ٿي وڪرال روپ ڌارڻ ڪيو ۽ چپلن جي گهاٽي (جيسمير) ڌاولو نالي
راڪش کي ماري جانرو ۾ رڪي، جتي چونري جون لٺيون ڪيرايون، اتي اڄ مندر ٺهيل آهي.
وڪرم سنبت 106 ماگهه
سُڏي تيرس جي ڏينهن جگو ڪنڀار کي گهرائي ٽهي ڪنائين، چيو ته هاڻ اسان هنس تي سوار
ٿي سورگ وڃي رهيون آهيون، هاڻي اسان جنهن جڳهه تي بيٺيون آهيون، اتي پٿر جون گڏيون
نگارا گڏ نڪرن ته اُتي منهنجي پوڄا ٿيندي ايئن پرچو مليو انهيءَ جاءِ تي هن وقت
مندر ٺهيل آهي.
شري مالهڻ جي پوڄا ٿيڻ
لڳي، پوڄارين جون منوڪامنائون پوريون ٿيڻ لڳيون، ماڻهن کي لاڀ رسيا، جو انڊيا ۽
ٻين هنڌن تي مالهڻ جي پوڄا ٿيندي آهي.
خاص ڪري ذات ورڻ، جاگو،
ورنسو، چارڻ، نيتڙ، ٻانڀڻ، واگهمار سوٽهڙ، ڪاريندو ڀيل، وارڻو مڱڻهار، انڌو ڪنڀار،
درڙو ميگهواڙ، ٻوچيا، جوگو، جئپال، ڪڏيچا ۽ ٻيون ڪافي ذاتيون مالهڻ جي پوڄا ڪنديون
آهن، جو انهن جون منوڪامنائون پوريون ٿينديون آهن.
هندستان ۾ خاص جانرا ۾
وڏو مندر آهي، ۽ ٻين هنڌن تي پڻ مندر ٺهيل آهن. پاڪستان ۾ ڳوٺ هريار ۾ مالهڻ جو
وڏو مندر آهي جتي هن وقت پوپو نالي آنٻوجي ولد چينسنگهه جاگو آهي. هر سال ماگهه
چوڏس ساهي تي مالهڻ جو وڏو ميلو لڳندو آهي، جتي پري پري کان ماڻهو ايندا آهن ۽
پنهنجون منوڪامنائون پوريون ڪري ويندا آهن، هڪ سال ڇڏي ٻي سال ۾ مالهڻ جي پيتي
کلندي آهي، ۽ شڪتي مالهڻ جي پوتلي جو درشن ٿيندو آهي.
نوٽ: جانرو ۾ مالهڻ جي مندر جي پريڪرما
ڪرڻ کان پوءِ گرو شنڪر ناٿ جي سماڌي جي پريڪرما ڪرڻ کان پوءِ پلو کولڻ کپي، تڏهن
پريڪرما پوري ٿيندي.
آرتي
شري مالهڻ ديوي ڪي
تين شڪتي رو بڻيو
جهولڙو، چونري اُکيڙي ساري،
ڌاولو راڪش ماري ديوي جانري پڌاري، رکيا ڪرو هماري،
ديوي رکيا ڪرو هماري جگو ڪنڀار ڪري آرتي رکيا
کرو هماري،
اوچي تخت آپ براجو، سونا چوڙ ڌاري،
صبح شام ڪرون آرتي، سرڻ راکو ٿانري، رکيا ڪرو هماري،
تيرس چوڏس آوي جانرو، ميلا ڀريجي ڀاري،
شيوڪ اُڀا عرض ڪري، نمن نرناري، رکيا ڪرو هماري
ڀگو ڀڳت ڪي وينتي عرض سنو هماري،
ياد ڪرو جپڌراجو آپ ڌرا کوالي. رکيا ڪرو هماري،
جگو ڪنڀار ڪري آرتي.
آرتي
شري مالهڻ ديوي ڪي
جهونا گڍ ۾ مال واچي
پاوي، پرچو ڀاري،
لالان ڪيولان ڪري آرتي مالوُ هي پرماري.
اگر چندن رو ڌوپ کواڙو، ڌياوي دنيا ساري
لالان ڪيولا، کڙگ کڦز هاٿ ترشول، روپ
ڀينڪر ڀاري.
ڪانا ڪُنڊل مُڪٽ وراجي شڪتي ڇتر ڌاري،
لالن ڀگو ڀڳت گاوي، آرتي ڀوساگر پار اُتاري،
لالن ڪيولان ڪري آرتي ، مالو هي پرماري ديوي.
ڇند:
چوراسي سُڌ چارڻهه،
نولک، لوڙياري صحيح ڪل ڄاڻ ميري آڻي نهين آوي ۽ آوي نرسنگهه جيت ري آڻ، مالهي وسي
منگهه ڏور، هريو وسي هريار، مالهڻ مانڏاڻو ميلهيو، گونگڙي ري گهاٽ، لاوڻ واڙيون،
64 يوگنيون، جس ڪو ميلهان هون، يوگڻين، جوگڻ موٽو جاپ، جوکو آوي نهين جيونان، تن
نان آوي تاپ، ڌڻي ڏڻ سامريو، ڪل ڏيوي، چوٽيلي چامڊا، همير ڀارتي ٻاوليو، ڏاوو رکان
کيتر پاڙ، جيڻو رکان نرسنگهه وير، هئين رکان ڪالڪا ديوي، اوپر رکان هنومان وير،
الٽ ڏيوي پلٽ ڪايا، هاڪ ماري هنومان آيا، هنومان پتر دڌڪا، کلايا اجني ڪا جايا، آوِ ڌوت آيا، ڪهو تو ميرو
پربت ڦيران ڌران ڪهو تو سورج چندر هڪ گهونٽ ڪران.
مالهڻ
ديوي جو شجرو
آنٻو جي ولد چهنسنگهه،
جيو راج، ڀيمجي، رامسنگهه، کينراج، ڀارمل، مهاجل، ميروجي ڏيڏاس، ديو سنگهه، ڪانجي،
ڌوڙوجي، ايسر جي، هريو جي ڏيپارجي، بچو جي، (جاگوجي)، ورڻ مالهڻ ديوي ويريسال
پرمار، يام جي، 21 هنسو جي، 22 ڌڌ مار، 23 ڏابک جي، اُڏياجي، ٻنڌجي، راجا ڀوڄ، جگ
ڏي پرمار، راجا سينڌل سير، راجا شام، 30 بجه راج، ڳندرپ، انر مهراج.
راڻا
اوتار جو شجرو:
ڌرا پرش جا ٻه پٽ هئا، وڏو درجن شال،
جنهن جو اولاد امرڪوٽ وارا راڻا آهن، ۽ ننڍو آسرا جيڪو لڏي پارڪر ويو، جنهن جو
اولاد پارڪر وارا راڻا آهن، درجنشال کان پوءِ راڻا کينرو، راڻا اوتار، راڻا ٿرو،
راڻا همير، راڻا ڏوڏو، راڻا وسيو (ويرسين)، راڻو تيجسي، راڻا چانپو، راڻو گانگو،
راڻا پتو عرف پرشاد، راڻا چندر سين، راڻا ڀوڄراج، راڻو ايسرداس، هن کي جيسر مير جو
راجا راول سٻل سنگهه، سنبت 1710ع ۾ گادي تان لاهي راڻا جئسنگهه، عرف جڳ سنگهه کي
امرڪوٽ جي گادي تي ويهاريو)، راڻا سرتاسنگهه، راڻا آسڪرڻ، راڻا سگرام سنگهه، راڻا
مهراج، راڻا قيصر سنگهه، راڻا کيمون، راڻا سنگرام سنگهه ٻيو، راڻا شوراج سنگهه،
راڻا سٻڙ سنگهه، راڻا مهراج ٻيو، راڻو بڀوت سنگهه، راڻا سرت سنگهه، راڻا پيرڏان
سنگهه، راڻا جسونت سنگهه، راڻا ارجڻ سنگهه، راڻا چندر سنگهه، راڻا همير همير
سنگهه. (نوٽ: تاريخ ريگستان رائيچند راٺوڙ جي لکيل ڪتاب جي صفحي نمبر46 تان ورتل
آهي.




0 comments:
Post a Comment