Writer:Goman Mal Rathore

برهما، وشنو ۽ شو جي اُتپتي

جڏهن ست پرش طرفان الک نرنجن ۽ ماتا درگا (اشٽنگي، آڏڀواني) اُتپن ٿيا ۽ انهن کي ڀَوَ ساگر 21 برهمانڊ ۽ ترلوڪيه جو راڄ مليو پوءِ نرنجن ۽ آڏ ڀواني ترديو برهما، وشنو ۽ شو جي اُتپتي ڪئي. برهما جي وڏو هو جنهن کي ماتا آڏ ڀواني ۽ نرنجن ڀَوَ ساگر جي اُتپتي لاءِ چيو پوءِ برهما جي پهرين چار پتر يا چتر سينا سنڪا، سناتنا، سناندنا ۽ سنت پيدا ڪيا جن کي برهما  اُتپتي لاءِ چيو جن انهي ڪم کان انڪار ڪيو ۽ وشنو ڀگوان جي ڀگتي ۾ رهڻ لڳا پوءِ برهما جي پنهنجي من يا دماغ مان 10 پُتر پرجا پتي ۽ هڪ ڪنيا  پيدا ڪيا. جن مان هي دنيا ٺهي 10 پٽن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
 1. ماريچي رُشي: جنهن جي معنيٰ آهي روشني جا ڪرڻا جنهن کي ستن رُشين مان هڪ ڳڻي سگھجي ٿو.(7 رُشي نالي 1. ماريچي 2. اَتري رُشي 3. انگيداس رشي 4. ٻلها رُشي 5. ڪراتو رُشي 6. پلستي رُشي 7. وشيسٽ رُشي آهن )
2. اُتري رُشي: هن کي ڏند ڪٿائن جو داناه سڏيو ويندو آهي. هي برهمڻ، کتري وئش ۾ گوتر پڻو ظاهر ڪري ٿو. جڏهن برهما جا سڀ پُٽ شو جي سراپ سان ختم ٿي ويا ته برهما جيءِ حَون ڪيو باه جي شعلن مان ٻيهر اُتري رُشي پيدا ٿيو ۽ پوءِ اتري ۽ سندس زال انوشويا کي دتاتري، دُرواسا ۽ سوما پيدا ٿيا مٿيان ٽيئي ترديو جا اوتار آهن. جيڪي پهرين جنم ۾ پيدا ٿيا ۽ ٻئي جنم ۾ اريامر ۽ ڌيءِ آملا پيدا ٿيا.
3. انگيراشا رُشي: هن جو اٿر ويد ۾ وڏو ڪم ڪيل آهي. هن جي استري سُروپا ۽ پٽ اتيٿائي، سمووارتنا ۽ برهسپتي هئا
4. پُلها رُشي: هي برهما جي دُن يا نابي مان پيدا ٿيل آهي هي شو جي سراپ سان سڙي ويو هو. ۽ وري ويئوسوتا منواتر يعنيٰ من يا دماغ مان پيدا ٿيو پهريائين منواتر وقت دڪش جي پُتري ڪشاما، مان ڪردما، ڪناڪپتيا ۽ پيوريه ڪنيا پيدا ٿيا.
5. پلتسيا رُشي: وشنو پراڻ برهما کان ملي پوءِ هن پاراسر رُشي کي ڏني. هي پهرين منواتر مان ستن رُشين مان هڪ آهي هي وسراواس جو پيءِ آهي وسراواس ڪٻير، راوڻ ۽ ٻين سڀ راڪششن جو پيءِ هو. ڪردم جو 9 نمبر ڪنيا هويرڀُو سان شادي ڪئي هن کي ٻه پٽ 1. وسراواس 2. اگستئي رُشي هئا وسراواس کي ٻه استريون ڪيڪسي جنهن مان راوڻ، وڀيشڻ ۽ ڪُنڀ ڪرن ٿيا. 2. اِلاويدا اُن مان ڪٻير پيدا ٿيو.
6. ڪراتُو رُشي: جيڪو ٻن عمرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو سونئڀئوا منواتر ۾ هي پرجا پتي هو ۽ ڀڳوان برهما جو پيارو پُٽ هو هي پرجا پتي دڪش جو ناٺي هو هن جي استري جو نالو سنٿاٽي هو اهو چئجي ٿو ته هن کي 60 هزار اولاد هو ۽ ٻئي دفعا  ويوسوتا منواترا ۾ ڄائو. شو جي وردان مطابق ان کي منوانتر ۾ ڪوبه خاندان نه هو هي برهما جي هٿ مان اُتپن ٿيل آهي. هن کي اولاد نه هو ڪراتو اگستئي جي پُٽ اِڌواها کي گود ۾ ورتو هو. هن کي ڀرگ واس به چوندا آهن
7. وشيسٽ رُشي: هي منواتر ۾ ستن رُشين مان هڪ آهي ۽ هن کي ڪامدينو ۽ ڌيءِ نندني مليل هئا ڪامدينو هر منوڪامنا پوري ڪندي هئي هن کي رڳ ويد جي 7 منڊلن جو ليکڪ به چئجي ٿو. تارن جي علم جو ماهر هو هن جي استري جو نالو ارونڌي هو
8. پراڇيٿاسا رُشي: هي جھونن رُشين مان نيا ۽ قانون جو ماهر ڳڻيو وڃي ٿو هن ڏه هزار سال سمنڊ جي تري ۾ وشنو جي تپسيا ڪئي ته هن کي وردان ملي ته هي انسان ذات جو پيدا ڪندڙ ٿئي هن ڪنڪلوجي ڌيءِ منيشا سان شادي ڪئي جنهن مان راجا دڪش پيدا ٿيو.
9. ڀرگو رُشي: هي اڳڪٿين جو ماهر ۽ جوتش علم جو ابو سڏجي ٿو. ڀرگو سميتيا جو ليکڪ هن جو منوسمرتي جي جوڙجڪ لاءِ وڏو حصو آهي هن ڪياتي سان شادي ڪئي ڪياتي دڪش جي پتري جنهن مان ڌاتا ۽ وڌاتا ٻه پٽ ۽ ڪنيا سري يا ڀرگوي جنهن سان وشنو شادي ڪئي.
10. نارد مُني: نارد ويدانني رُشي آهي. هن وٽ سدائين تنبوري هٿ ۾ هوندي هئي. سنگيت جو ماهر هو. هي سدائين وشنو ڀگوان جي شان ۾ نارائڻ نارائڻ رٽي خوش ڪندو هو.
11. شتي رُوپا: هي برهما جي پُتري سوين روپ برهما جي جسم جي مختلف حصن مان پيدا ٿيل آهي. برهما جا چار سِر هئا شترُوپا جنهن طرف ويندي هئي ته سِر طرف ٻڌائيندا هئا. نيٺ آڪاش طرف ويئي ته برهما پنجون سِر ڌارڻ ڪري پويان ويو شِو ڪروڌ ۾ برهما جو پنجون سِر ڪٽي سراپ ڏنو ته نه تنهنجو مندر هوندو ۽ نه تنهنجي پوجا ٿيندي.
شو ۽ پاروتي مان گنيش ۽ ڪارتيڪيه ٻه پٽُ آهن ان کانسواءِ نانگن جي ديوتا منيشا ۽ اشوڪا سُندري ۽ راڪشش انڌڪا ۽ جلنڌرا ۽ منگلا ديوتا به شو جو اولاد آهن.
وشنو ڀگوان ۽ لڪشمي ديوي کي ڪوبه اولاد نه هو پر جڏهن انهن اوتار ڌاراڻ ڪيا تڏهن پنهنجي سنتانن کي جنم ڏنو آهي.
ترلوڪيه ٺهڻ کان پوءِ ڀَوَ ساگر جي اُتپتي چار کاڻين ۾ ورهايل آهي.
1. انڊ: جنهن کي ماتا درگا يا آڏ ڀواني پيدا ڪيو هن  ۾ سمندر پکي اچن ٿا. 9 لک پکين ۽ 14 لک جل جون جوڻيون آهن.
2. او سمجھيه: جنهن کي وشنو ڀگوان پيدا ڪيا. هن کاڻي ۾ ڪيڙا ماڪوڙا پتنگ ۽ سنها جيت وغيره اچن ٿا. 27 لک جوڻيون اچن ٿيون.
3. پنڊ کاڻي: جنهن کي برهما پيدا ڪئي. هن ۾ هڏن وارا جانور، کير ڏيندڙ جانور ۽ ماڻهو وغيره اچن ٿا هن ۾ 4. لک جوڻيون آهن.
4. سٿاور کاڻي: جيڪا شو ڀگوان پيدا ڪئي هن ۾ وڻ ٽِڻ جبل وغيره اچي وڃن ٿا. هن ۾ 30 لک جوڻيو اچن ٿيون
ٽوٽل 84 لک جوڻيون آهن جن جي پوري ڪرڻ بعد وري منُش چولو ڪرمن جي انوسار تحت ملي ٿو
24  اوتارن جا نالا:  .1. مڇ اوتار2. ڪڇون اوتار 3. نارا 4. نارئڻ 5. مها موهني 6. وارا 7. نرسنگھ 8. وامڻ 9. پرسرام 10. برهما 11. رودرا 12. جلندرا 13. وشن 14. شيشائي 15. اريهنت ديو 16. منو 17. ڌنوانتري 18. سورج 19. چندر 20. راما 21. ڪرشن 22. نارا (ارجڻا) 23. ٻڌ اوتار 24. نڪلنڪي اوتار. 
18 پراڻن جا نالا: .1. برهم پراڻ 2. پرم پراڻ 3. وشنو پراڻ 4. اگني پراڻ 5. ڀوشيه پراڻ 6. شو پراڻ 7. ڀاڳونت 8. نارد پراڻ 9. مارڪنڊيا پراڻ 10. لنگ پراڻ 11. واراه پراڻ 12. اسڪنڊ پراڻ 13. برهم ويووٿ پراڻ 14. وامن پرڻ 15. ڪورم پرڻ 16 مٿيا پراڻ 17. گُرڙ پرڻ 18. برهمانڊ پراڻ.


0 comments:

Post a Comment