اولياءَ عيسب فقير
عيسب ۽ آچار ٻه ڀائر
هئا، پيءُ جو نالو هنگورو ولد جيئو، لاکو، ڀاڻو، جراڙ، ابڙو، ڀنڀرو، آمر، منهر،
ڀاڻو، ڏيرو، ٿيٻو، انڙ، ڄام سمون، ميگهه ناٿ سان ملن ٿا.
عيسب فقير ذات جو سميجو
هو، جنهن جوو جي پڌرمان ات ڪيلهڻ مان شادي ڪئي، اولاد هڪ ڌي نالي مائين پيدا ٿي،
عيسب کي ڏاج ۾ هڪ ڇوڪري بجيراڻي ملي جنهن سان سندس ڀاءُ آچاريه شادي ڪري ڇڏي، جنهن
تي عيسب آچار سان ناراض ٿيو. جنهن ڪري عيسب فقير ڀاءُ کي بجيرن جي قوم ۾ شامل ڪري
ڇڏيو، جو ان جو خاندان اڄ به آچاريه بجير سڏائين ٿا.
اڄ کان اٽڪل 500 سال اڳ
جي ڳالهه آهي ته ڳوٺ هريار ۾ ذات جوڳو رهندا هئا، نالي بجو جوگو جنهن جي نالي اڄ
به هريار جي اوڀر ۾ بجڙ مڙهو ٻني سڏجي ٿي، آباد ڪندو هو، اها ٻني بجو جوڳو ۽
ڪاڙيندو ڀيل پوکيندا هئا، اها چوڻي آهي، ته هڪ ٺڪر ذات جاگو ۽ بجو جو اٺ جو ٻني ۾
ڀيل ڪرڻ تان تڪرار ٿيو، جنهن تي بجو جوڳو ۽ ڪاڙيندو ڀيل گڏجي هڪ ٺڪر جاگو کي ماري
ڇڏيو، ۽ اهي ٻئي ڀڳا انهن کي ڪنهن ڏس ڏنو ته ٺڪر ذات ڏاڍي آهي، توهان کي ماري
ڇڏيندا، توهان کي هڪ فقير نيو ڇور ڀرسان آهي، انهيءَ کان سواءِ ڪير بچائي نه
سگهندو، جو اهي عيسب فقير وٽ پهتا ۽ جاگو ٺڪر جي خون ڪرڻ جي حقيقت ٻڌائي، جنهن تي
فقير چيو ته هاڻ آئون هر ڳالهه کي منهن ڏيندس، پويان ڪافي ٺڪر قوم ۽ ٻيا پيرا کڻي
اچي اتي پهتا، ۽ انهن فقير کي چيو ته چور تو وٽ آيا آهن، چور کپن، فقير چيوته
ماڻهو برابر آيا آهن، ويٺا آهن، پر ڪونه ملندا، جنهن تي انهن اڳتي وڌڻ جي ڪئي ته
فقير عيسب اهڙي ڪرامت ڏيکاري جو نانگ ۽ بلائڻ کي بڇي ڇڏيو ۽ ماڻهو جيڪو اڳتي آيا
سي انڌا ٿي ويا، اهو معجزه ڏسي ماڻهن توبهه ڪئي ۽ ويهي فيصلو ڪري خون معاف ڪري
ڇڏيو، پوءِ بجو جوگو ستن پيڙهين تائين عيسب فقير کي مڃڻ لاءِ وچن ڪيو، پوءِ بجو جو
خاندان جا جوگو هريار کان لڏي ڳوٺ بجاڙو وسايو، اتي رهڻ دوران فقير عيسب دعا ڏني
ته توهان مان راڄ ٿيندا، جو ٿوري وقت ۾ بجو خاندان مان وڏا راڄ ٿي ويا، عيسب فقير
جي ڌي مائين ذات راهمون ۾ پرڻائي، جنهن جي ڏاج ۾ نالي سامون ولد ڪمون جوگو ڏنو، جن
کي بعد ۾ عيسب فقير جي ڀوڄڻ لاءِ معاف ڪري ڇڏيو، کيمون جو پار جا جوڳو کي فقير
عيسب تي پوڄا معاف ڪيل آهي. هن وقت ڳوٺ بجاڙو، چاڙهيار، ڏاهلي، ڀاڏاسندو،
ڏانڀاريو، 12 ميل جا جوڳو يعني بجو خاندان جا جوڳو فقير عيسب کي مڃيندا آهن ۽ عيسب
فقير جي درگا نيوڇور ۾ آهي، جتي هزارين ماڻهو پنهنجن دلين جون مرادون وٺڻ لاءِ
ايندا آهن، جيڪي مرادون حاصل ڪري ويندا آهن.
باءِ ڪاڪو بارٿو مل
ڏاهلي




0 comments:
Post a Comment