ڀڳت تيجارام ولد ڪاڇٻو مل
هريار واسي
سنت تيجارام راٺوڙ سال
1925ع ۾ ڳوٺ هريار ۾ پيدا ٿيا، سندس پيءُ ڪاڇٻو ماءُ مريمان ۽ گهر واري آنٻو ٻائي
آهن، سنت صاحب بچپن کان ارادي جا پڪا ۽ سچ تي گامزن هئا، هندي ۾ ڪجهه لکڻ پڙهڻ
ڄاڻيندا هئا، ليڪن ذهن تمام تيز ۽ هوشيار هئا، روزگار خاطر لڪڙي گهڙڻ، واپار ڪرڻ ۽
هر ٻي هنر ۾ ڄاڻو هئا، وڏا گيان تتوي ۽ گيان سروتري ڀڳت هئا، جتي به ست سنگ يا
ڪچهري ۾ ويهندا هئا، اُتي زبان جا اهڙا مٺا ٻول ٻوليندا هئا، جو ويٺل ٻڌي ڀڳت جا
پريمي ٿي ويندا هئا، ڀڳت صاحب جا خاص معجزا اهي هئا ته ارادي جا پڪا، زبان جا اٽل،
هر سال اها اڳڪٿي ٻڌائيندا هئا ته هن سال سڪار ٿيندو يا ڏڪار، وڃايل شيءِ جو ڏس
پتو پڻ ڏيندا هئا، ۽ کانئس ڪافي ماڻهو پڇڻ لاءِ ايندا هئا، سندس 3 پٽ سوڀو مل،
گومن مل، سترام ۽ ٻه نياڻيون نالي وقتو ۽ نامان آهن، سال 2000 ۾ رام نام جپيدا وڃي
ويڪوٽ واسي ٿيا، سندس آستان مندر سمان ڳوٺ هريار ۾ آهي جتي هر سال اسو جي پنچم
ورسي ملهائي ويندي آهي.
ڀڳت سوڳار راٺوڙ ڀيل ويٺل ڪوٽ غلام
محمد جي ڏنل ڀيٽا سلوڪن ۾
تيجا تن تياڳيو، ڪيا ويڪوٽ
واسن
اسا ڇوڙي جڳتڪي، گيا گروڪي پاس
تيجا تم تڪڙا ڀيا ڪيا هري سون هيت
گرو تجهي گمڀير مليا، هنس پوري سچيت
تيجا تم جيسا گياني ملي نهين ڪسي گام ۾
تيجي جيسا مهماتما هوي نه جنمي هريار ۾
هيرا گيا هريار سي ملي نهين مهانگي مول
گڻوان تو اور گهڻا آوي، نهين تيجا تيري تول
تيجان تِل ڀرتاپيو، ڀريو گيان ڀندار
ايسو تاپڻو ڀلو جهان جمري ماني هار.
ڀڳت تيجارام آخر ۾ اهي ٻول ٻوليا.
تيجا تج دي گام گنوارن ڪا، جهان لاج نهين مرياد
چل جا اُڻ ڏيس ۾ جهان ملي ست گرو سهاڳ.
يعني تيجارام ڀڳت پاڻ کي چيو ته هاڻي
ڇڏ پاپين جو ديس، جتي ناهي ڀرم اُتي هليو وڃ جتي پرميشور هجي پاڻ.
ڀڄن
جوڌيا يا سو ڦل پايا،
گُروينا گتي نهين پاوي
ساڌو ڀائي ڪرو وچنارو ويچار
مات پتاري شيوا ڪرو، جڪري چرڻا ۾ سيس جهڪاو
ساڌو ڀائي ڪرو وچنا رو ويچار
مات پتارا وچن پارو، جڪرءَ گڻان نان اور تو گائو
ساڌو ڀائي ڪرو وچنا رو ويچار
ٻوليا سنت تيجارام راٺوڙ، رهوجي رام ري سرڻي
ساڌو ڀائي ڪرو وچنا رو ويچار.




0 comments:
Post a Comment