منش جي اُتپتي
برهما جي جو پُٽ
منو ۽ سندس پتني ڇتروپا جوونش:
برهما
جي پنهنجي پُٽ مَنُو کي آگيا ڏني ته هي پُتر، هي مهاٻاهو، هي تيجسوين ۾ اُتم هن
پرٿوي تي يوگيه طريقي سان منُش جي اُتپُتي ڪريو ۽ شاشتر ڪرت، ورُڻ آشرم ۽ ڌرم جو
آچارڻ ڪريو. تڏهن مَنو پنهنجي سٿان ۾ اچي (پرجا سرجڻ) جو پنهنجي پتا برهما جي جي
آگيا جو پالن ڪيو ۽ پرجا جي شرشٽي رچائي.
مَنو کي پريه ورت ۽ اُوتن پاد نالي
(2) ٻه مهاتما تيجسوين پُٽ ٿيا ۽ ٽي (3) ڪنيائون ٿيون، لوڪن کي پويتر ڪرڻ واري
پهرين ڪنيا آڪوتي، ٻئي ديوهوتي ۽ ٽئين پرسوتي نالن سان پرکيات هيون. انهن مان
آڪوتي رونچي رُشي کي ديوهوتي ڪَردم مُني کي ۽ پرسوتي دڪش پرجا پتي کي سونپيون.
جنهن مان سڄي پرجا اُتپن ٿي آهي. رونچي رُشي جي تني آڪوتي مان آدي پُش يگيه اوتار
ڀگوان اُتپن ٿيا. ڪَردم مُني جي پتني ديوهوتي مان ڪپل ڀگوان اُتپن ٿيا. جيڪو سڄي
لوڪن ۾ ساکيه شاستر جي آچاريي پڻي سان پرکيات آهن. دڪش پرجا پتي جي پتني پرسوتي
مان پرجا روپ گھڻيون ڪنيائون اُتپن ٿيون. ۽ انهن جي ونش مان لوڪ واکيات ۽ شرشٽي جو
پريورتن وارا گھڻا ديو، پشُو، پکشي ۽ منوشيه آدي اُتپن ٿيا.
0 comments:
Post a Comment