Writer:Goman Mal Rathore





انسان جي ڪرمن جا انوسار


انسان جي زندگي ڪرمن جي انوسار تي ٻڌل آهي، جيڪو جهڙي پوک پوکي ٿو، تهڙو ڦل هتي يا هُتي اوس ملي ٿو، انسان جيڪو سامهون ڏسي ٿو، ته سمجهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه آهي، ليڪن پردي جي پويان ڀڳوان جا راز آهن، انهيءَ جي انسان کي ڪهڙي خبر آهي، انسان جي زندگي ۾ جيڪو برو ڀلو آهي، جنم وقت کان لکيل هوندو آهي، اهو ڪڏهن به ٽري نه ٿو سگهي. ماڻهو چوي ٿو ته مون هي ڀلو ڪيو هي بروڪيو، هي ڌن دولت ٺاهي، هي وڃايو، ۽ هرڪو پيو چاهي ته هرڪو مون کي مڃي، مون وٽ وڏي مايا ملڪيت هجي، ۽ دنيا منهنجي تابعداري ۾ هجي، ليڪن اهو ڀڳوان طرفان سسٽم رکيل آهي، ڪنهن انسان جي وس ۾ نه آهي، جيڪو به انسان ڳالهائي ٿو چرپر ڪري ٿو، اهو ايشور جي حڪم کان سواءِ ڪابه شيءِ چرپر نه ٿي سگهي. رموٽ هُن جي هٿ ۾ آهي، جنهن بٽڻ کي دٻائي اها سسٽم تحت ٿيڻو آهي، ڏسو ڪٿي اڻکٽ شي، آهي ته ان کي ڪيڏانهن ڪجي ته ڪٿي پيٽ بکيائي آهي، ڪٿي انسان پنهنجي زندگي ۾ مڌمست آهي ته ڪٿي زندگي ۾ تنگ آهي، جي هڪجهڙائي هجي، ته دنيا جو گاڏو ڪيئن هلي، جنهن ڪري ڀڳوان به انسانن کي احساس ڏيارڻ لاءِ لاهي چاڙهي رکي آهي، مطلب هي آهي ته هي دنيا جنهن ۾ انسان جانور، پکي پکڻ، جيت، وغيره ۽ ٻيون شيون ڀگوان جي مخلوقات آهن جن تي پنهنجا فرض عائد ڪيل آهن، اهي زندگي ۾ ڀوڳي پورا ڪرڻا آهن، هڪ شيءِ توهان 5 سال مقاعطي ۾ وٺو ٿا ته توهان ان جو حق 5 سال تائين معاهدي تحت رکي سگهو ٿا، ۽ اڳتي لاءِ وري سوچڻو پوندو ته ڀگوان به جنهن کي پيدا ڪري ٿو ته ان جي زندگي جا ڏينهن مقرر ڪري موڪلي ٿو.
انسانن کي پنهنجي فرضن جي ادائگي ڪرڻي آهي، جڏهن جنم وٺي ٿو ته ماءُ ۽ پيءُ اها اُميد رکن ٿا ته هي اولاد وڏو ٿي اسان عزيزن، ڳوٺ ملڪ، ۽ انسانن جي خدمت ڪندو. جو هر اولاد جو فرض آهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ جي اُميپدن جون اُمنگون پوريون ڪري، ڏسو دنيا ۾ انسان ڪو پيرن، فقيرن، ڪو بيمارين ۾ ڪو ڪيسن ڪو دولت جي قيد ۾ ڦاٿل آهي، اهي انهن جي ڪرمن ۾ لکيل آهي، ليڪن اهي ان جي ڪمائي جو ڦل آهي. سٺا ڪم ڪيل هوندا ته سٺو ڦل ملندو ۽ برا ڪم ڪيل هوندا ته برائي ملندي. توهان ڪوشش ڪريو ته دنيا ۾ ڪنهن جي ڦندي ۾ نه ڦاسو، ڀڳوان ته وڏي هستي آهي، جيڪو سڀني جو پالڻهار آهي، جنهن کي اول ياد ڪرڻو آهي، پر هن دنيا ۾ ماءُ پيءُ جنهن توهان کي جنم ڏنو آهي، ان کان وڌيڪ شيوا جو گهر هن دنيا ۾ نه آهي، انهن جي شيوا ڪريو، انهن جي دلين کي خوش رکو، وس آهر انهن جون گهرجون پوريون ڪريو ۽ پوءِ انسان ذات سان به فرضن جي ادائگي ڪريو، اها آهي توهان جي ڪمائي جو طريقو، جن جا ڦل هتي يا اڳتي ملڻا آهن، صرف ان ڳالهه جو خيال رکو ته هٺ وڏائي، مغروري، اهنڪاري، ناجائز لالچ کان پاسو ڪريو، نيڪ نيتي رکو، انسان ذات سان محبت ڪري يڪجهتي ڪريو، جنهن سان توهان جي ڪرمن جا انوسار سٺا ٿيندا. توهان شراب، عياشي ۽ ٻي برائي کان پاسو ڪري هنر ۽ تعليم حاصل ڪري سٺي ماحول ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪريو، جنهن توهان سٺا انسان ٺهي سگهندا.


0 comments:

Post a Comment