Writer:Goman Mal Rathore





جئه ماتا ڏيول جي


ڳوٺ ماڙوئو ضلعي جيسلمير هندستان ۾ ڀلجي، چارڻ سنڌيات رهندو هو، جنهن جي پتني جو نالو شنڌو هو، وڪرم سنبت 1535 ۾ ڀلجي چارڻ جي گهر ۾ ڏيول جي جنم ورتو، جيڪا هڪ ماياوي شڪتي جي روپ ۾ هئي، ڏيول جي جوان ٿي ته سندس پيءَ شادي نالي ٻاپن ڏيٿو، ڳوٺ کارڙو چارڻ لڳ امرڪوٽ سان طئه ڪئي، ٻاپن جي ڏيٿو جي ڄڃ ماڙوئو وئي جتي ڏيولي سان پرڻو ڪري واپسي ۾ جيسلمير ۾ هڪ ڪنڀار جي گهر ٽڪي، ان وقت جيسلمير جو راجا گهڙسي هو، جنهن کي پٺن ۽ افونٽي ڳنڍ نڪتي، ان جي علاج لاءِ واري تي ماڻهو جو ڪاڙجو ڪڍي ٻڌبو هو، ڪنڀار جي گهر ڄڃ ٽڪي، انهي ڏينهن ڪاڙجو ڏيڻ لاءِ ڪنڀار جو وارو هو، راجا جا سپاهي ڪنڀار جي گهر ماڻهو جو ڪاڙجو وٺڻ لاءِ آيا، جڏهن اها خبر ڏيول جي کي پئي، تڏهن چيو ته راجا جي ٺيڪ ٿيڻ يا ماڻهو جو ڪاڙجو وٺڻ سان ڪم آهي، انهي تي ڏيول جي لوئي جو پلو راجا گهڙسي کي هنيو، جنهن تي افونٽي ڦاٽي پئي، ۽ راجا ٺيڪ ٿي ويو، انهيءَ تي راجا ۽ رعيت ڏيول جي تي وڏو اعتماد ڪيو انهي خوشي ۾ راجا گهڙسي ڏيول جي کي 18 ورڻ ذات وارا ڏاج ۾ ڏنا. ڏيول جي شادي ڪري کاروڙو چارڻ وئي ته اُتي ڪافي ماڻهو ڏيول جي کان دعا ۽ شفا وٺي ويندا هئا، ڏيول جا چار پٽ نالي ڏوڌو ورڻو، ڏيويڏاس، مهپو، کينڌو هئا، مهپو مان کاروڙو جا چارڻ ڀموڏان ولد ڪيسو ڏان چارڻ جيڪو ڏيول جو ڌوپ ڌيان ڪندو آهي، ڏيول جي جو ميلو کاروڙو چارڻ ۾ ڏسم آسو ڏسواڙو تي هر سال ڳندو آهي، جتي ڪافي ماڻهو ذات چارڻ، سوڍا، ڪاڳيا ، جوگو، ڪنريو سوٽهڙ، هيمچند گرڙو، کتري ڀوت، جاکٽيو ڀيل ۽ ٻيا ڪافي پوڄاري ايندا آهن.

باءِ هيمڏان چارڻ اصل مٺڙيو چارڻ حال پاٻوهر تعلقو مٺي.

0 comments:

Post a Comment