Writer:Goman Mal Rathore


سرشٽي جي رچنا
            هر منشُ کي پنهنجي دين ڌرم جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. هونئن ته گيان اکنڊ ڀنڊار آهي پر ڪُجھ معلومات ستيه نام ڪبير گرنٿ جي ڪتاب مان ورتل ڊاڪٽر سيتل داس ولد سوجومل کوکر ميگھواڙ جي گجراتي ۾ ايسرداس جو لکيل، مان سنڌي ترجمو ڪيل جو گيان سرشٽي جي رچنا هيٺ ڏجي ٿو.
ستيه پريش: ست لوڪ جو ماڪ الک پُرش: الک لوڪ جو مالڪ اگم پرش: اگم لوڪ جو مالڪ انامي پرش: انامي لوڪ جو مالڪ:
اهو هڪ آد ناد مختلف روپن ۾ مٿئين چار ئي جڳهن تي پنهنجي مرضي سان رهندڙ لامحدود برهمانڊن جو سنڀاليندڙ سڄي چرخي کي هلائيندڙ ۽ سرشٽي رچائيندڙ آهي.
پاربرهم: هي ست (سنک) برهمانڊن جو ڌڻي آهي هن کي اڪشر پرش به چوندا آهن
برهم ڪشر: هي ايڪويهه برهمانڊن جو ماڪ آهي هن کي ڪشر پرش جيوتي نرنجن ۽ ڪال به چوندا آهن.
برهما: هي برهم يا نريجن جو وڏو پُٽ آهي. وشنو ڀڳوان وچٽ ۽ شو ڀڳوان سڀني کان ننڍو پُٽ آهي. برهما رجوگڻ، وشنو ستوگڻ  ۽ شو تمو گڻ جا مالڪ آهن.
ڪبير صاحب: اتپتي جيڪا پاڻ کان آهي ان جي ڄاڻ هيٺين نموني آهي.
شروغ ۾ انامي لوڪ ڳا اکيه لوڪ هو ست پُرش جنهن کي ستيه پرش ڪبير به چئجي ٿو.  سڀئي آتمائون ان امر ۽ پويتر پُرش ۾ هيون. پرش جي معنيٰ ڀڳوان يا پريميشور. ست پرش  ماڻهن کي پنهنجي عڪس يا شڪل مان پيدا ڪيا. ستيه پرش يا ڪبير ديو پنهنجا ٽي ٻيا لوڪ هيٺ ٺاهيا اگم لوڪ، الک لوڪ، ست لوڪ، پوءِ اگم لوڪ ۾ آيا ۽ اگم پرش جي نالي سان سڏجڻ لڳا. پوءِ الک لوڪ ۾ آيا جتي ڪبير ديو يا پرميشور يا الک پُرش چوڻ ۾ آيا جتي جسم انسان جهڙو هو پوءِ پورڻ پرماتما ست لوڪ ۾ آيا جتي ستيه پرش سڏايو. جتي سرشٽي جي رچناڪئي هڪ شٻڌ سان 16 ٻيٽ يا دويپ اپايا ۽ 16 شٻڌن جي اُچارڻ سان 16 پُتر پيدا ٿيا پوءِ هڪ مانسروور يا وڏي ڍنڍ ست لوڪ ۾ ٺاهي جنهن ۾ امرت ڀريو.
     16 پُترن جا نالا: 1. ڪُرم جي  2. گيان 3. وويڪ 4. تيج 5. سيهج 6. سنتوش 7. سُرتي 8. آنند 9. ڪشما 10. نشڪام 11. جلرنگي 12. اچنت 13. پريم 14. ديال 15. ديرئيه 16 يوگ سنتان، الياس يُگجيت
جنهن مان پنهنجي پٽ اچنت کي ست لوڪ جي اُتپتي جو ڪم حوالي ڪيو اچنت ڪشر (پاربرهم) کي پيدا ڪيو ۽ چيو ته منهنجي اُتپتي ۾ مدد ڪريوپوءِ اڪشر پرش مانسروور ڍنڍ تي ويو ۽ اشنان ڪيو ۽ اتي آنند ميه ٿيڻ لڳو ۽ ڊگھي عرصي تائين ستو رهيو ۽ جاڳ نه ٿي. اچنت جي جاڳائڻ تي نه جاڳيو پوءِ ستيه پرش مانسروور ڍنڍ مان ڪُجھ امرت ورتو. ۽ ان مان هڪ آنڊو (بيدو) ٺاهيو ان ۾ آتمائون وڌيون ۽ اهو آنڊو ڍنڍ ۾ وڌو ان جي گوڙ ۽ گھمسان جي ڪري اڪشر پرش جاگيو ڪاوڙ مان آنڊي کي ڏٺو آنڊو ٻن حصن ۾ ٽٽي پيو جنهن مان ڪشر پرش جيوتي نريجن ٻاهر نڪتو جيڪو ڪال سڏجڻ لڳو پوءِ ست پرش طرفان آڪاش واڻي ٿي اڪشر نرنجن ۽ اچنت دويپ يا ٻيٽ ۾ رهيا پوءِ ست پرش ڪوير يا ڪبير صاحب پنهنجو پاڻ شٻڌ جي شڪتي سان اُتپتي ڪئي ست پرش جا پُٽ الڳ الڳ دويپ ۾ رهڻ لڳا. ڪشر پرش چيو ته ست  پرش جي تپسيا ڪري پنهنجو الڳ دويپ حاصل ڪندس جو هڪ پير تي بيهي 70 يگ تپسيا ڪئي هاڻ آتمائون ڪال يا ڪشر پرش يا نرنجن جيوتي جي جال ۾ ڪيئن ڦاٿيون.
ست پرش آڪاش واڻي ذريعي پُڇيو ته توکي ڇا کپي تڏهن نرنجن جيوتي سروپ چيو ته مون کي پنهنجي رهڻ لاءِ الڳ دويپ کپي ست پرش خوش ٿي 21 برهمانڊ ڪشر پرش کي ڏنا جڏهن کان ڪشر پرش ست پرش جي تپسيا پئي ڪئي ان وقت کان آتمائون ڪشر پرش ڏانهن مائل ٿيڻ لڳيون حقيقي مالڪ سان بغاوت ڪرڻ لڳيون ست پُرش ڪافي چتاوڻيون ڏنيون پر ڪال ايترو ته اسان آتمائن کي سُنهري سوغات، کير جون نديون  اُپسرائون  وغيره جو واڌيون ڏنيون ان ڪري اسين آتمائون ست لوڪ مان نڪرڻ جا سانڀاڻا ڪرڻ لڳيون سون ۽ جيوتي نريجن کي چاهڻ لڳيون ۽ ست پُرش کان وفاداريون نڀائڻ کان ناڪام ٿيا. اسان نرنجن جيوتي جي ڪشش ڏانهن ڇڪجي وياسون ۽ پرم پتا جي ڳالهه نه مڃياسون ان ڪري ڀَوَ ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳاسون ستيه پرش جي نرنجن 64 يگيه بندگي ڪئي ان تي ستيه پرش چيو اڃا توکي ڇا کپي تڏهن نرنجن چيو ته مون کي 21 برهمانڊ ۾ رهڻ لاءِ آتمائون کپن ته ڪبير صاحب ستيه پرش تپ جي يا جپ جي عيوض ٻيا وڌيڪ برهمانڊ ته ڏيئي سگھان ٿو. پر آتمائون جيڪي مون سان آهن اُهي ڏيئي نٿو سگھان جيڪا آتما پنهنجي مرضي سان تو سان گڏ هلڻ چاهي ته وٺي وڃ پوءِجيوتي نريجن آتمائن کي چيو ته منهنجي ديس ۾ هلو اُتي آنند هي آنند آهي پوءِ هڪ آتما پنهنجي پتا ستيه پرش جي سامهون جيوتي نريجن سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي پوءِ گھڙي پلڪه ۾ سڀ آتمائون وڃڻ لاءِ تيار ٿيون جيڪي هينئر اسين ڪال جي پڃري ۾ ڦاٿل آهيون. پوءِ جيوتي نرنجن کي چيو ته پنهنجي لوڪ هل آتمائون موڪلان ٿو. پوءِ پورڻ برهم ستيه پرش جنهن آتما سب کان پهرين هاء ڪئي هئي ان کي استري جو روپ ڏنو پر زنانا عضوا نه ٺاهيا پوءِ هن جي جسم ۾ سمائي ڇڏيا ان ڇوڪري کي اشٽرا، آدي مايا، پرڪرتي ديوي، دُرگا ديوي، جوگ مايا اشٽنگي ماتا جهڙا نالا ڏنا ۽ ست پرش چيو ته پُتري آئون توکي شٻڌ شڪتي طاقت ڏيان ٿو ته تون ايترا ساهه وارا جيو پيدا ڪري سگھين ٿي. جيترا نرنجن جيوتي چاهي يا چوي. ستيه پرش پنهنجي پتر سهيج داس کي پرڪرتي يا درگا ديوي کي برهم يا ڪشر پُرش ڏانهن موڪليا. جتي سهج داس نرنجن جيوتي کي چيو ته جيڪي آتمائون توهان سان هلڻ لاءِ ها ڪئي هئي اهي سڀ پرڪرتي يا درگا ديوي جيڪا منهنجي ڀيڻ آهي سان گڏ جسم ۾ سمايل آهن پوءِ سهج واپس پنهنجي دويپ يا ٻيت تي آيو. درگا ديوي جي جواني ۽ سندرتا ڏسي جيوتي نرنجن ڪام وس ٿي پرڪرتي ديوي کي ڀوگ ڪرڻ لاءِ حراسان ڪرڻ لڳو. درگا ديوي چيو ته ست پرش مون کي اُتپتي ڪرڻ لاءِ شٻڌ  شڪتي ڏني آهي تون جيڪا به چاهين اها تنهنجي ڪامنا پوري ٿيندي. پاڻ ٻنهي جو پتا هڪ آهي تون منهنجو وڏو ڀاءِ آهين. جيڪڏهن اهو ڀوگ وارو ڪم ڪندين ته گھور پاپ ٿي ويندو. پر نرنجن نه مڃيو ۽ شٻڌ جي شڪتي سان استري جا عضوا پنهنجي (نکن) ذريعي ٺاهي ۽ ڀوگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته درگا ديوي ٻي ڪا راهه نه ڏسي هڪ باريڪ جيت جو روپ ڌارڻ ڪري جيوتي نرنجن جي وات مان ٿي معدي ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجي پتا کي سائتا لاءِ پڪاريو جنهن پنهنجي پٽ يوگ سنتيمان الياس جگجينت جي شڪل ۾ جلد ئي اتي ظاهر ٿيو ۽ درگا ماتا کي نرنجن جي معدي مان آزاد ڪيو ۽ جيوتي نرنجن کي چيو ته هاڻ کان پوِءِ تون ڪال سڏيو ويندين تون مرندو ۽ جيئندو رهندين. تنهنجو نالو ڪشر پرش ٿيندو تون روزانو هڪ لک انسانذات کائيندين ۽ سوا لک روزانه پيدا ڪندين هاڻ توهان ٻئي ۽  21 برهمانڊ هتان ست لوڪ مان نڪرو پوءِ نرنجن ۽ پرڪرتي 21 برهمانڊ ست لوڪ کان پري اچي ترسيا. پوءِ نرنجن چيو ته آئون جيڪو چاهيان اهو ڪري سگھان ٿو. درگا ديوي وري چيو ته ڪُجھ حيا ڪر. پهرين ته تون منهنجو وڏو ڀاءِ ۽ ٻيو ته آئون تنهنجي معدي مان ٻاهر آئي آهيان ان ڪري تون منهنجو پتا آهين ليڪن نرنجن چيو ته مون کي اڳ شراپ ملي چڪو آهي ست لوڪ مان ڪڍيل آهيان پوءِ جيوتي نرنجن درگا ديوي سان وواه ڪيو جنهن مان ٽي پُٽ برهما، وشنو، مهيش کي جنم ڏنو. برهم ڪال يا جيوتي نرنجن شڪتي ماتا يا درگا ماتا جي معرفت ٽنهي پُٽن کي ننڍپڻ ۾ بي هوش رکيو. جڏهن ٽئي وڏا ٿي اٿيا ته برهما جيءِ کي ڪنول جي گُلن ٿي هوش م آندو. وشنو جي کي نانگ جي بستر تي ۽ شو جيءِ کي ڪيلاش پربت تي. نرنجن جي پوءِ ٽنهي کي گڏ ڪيا ۽ درگا ماتا جي مدد سان وواه جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌا ويا پوءِ انهن ٽنهي کي سرڳ لوڪ ، پرٿوي لوڪ ۽ پاتال لوڪ سنڀالڻ جي ذميواري ڏني. برهم يا جيوتي نرنجن ڳجھي نموني سان مها برهما، مها وشنو، مها شو ٿي مها منتري ٿي پد سنڀالڻ لڳو. پوءِ نرنجن درگا ماتا کي ڇيو ته هي ديوي تو وٽ جيو ٻيج، پنج تنتوِ ۽ ٽي گڻ  ڏيئي ستيه پرش پيدا ڪيو آهي. ان ڪري پرلوڪ ۾ وڃي جگت جي اُتپتي ڪر منهنجو توڙي ستيه پرش جو ڀيد ڪنهن کي به نه ٻڌائج. برهما، وشنو، مهيش کي منهنجو درشن ڪيترائي يگ ٿي ويندا نه ٿيندو جڏهن اهي وڏا ٿين تڏهن سمنڊ مٿن ڪرڻ لاءِ موڪلج. نرنجن اهو سِکيا ڏيئي ستيه گفه مان گپت ٿي ستيه پرش جو ڌيان ڪرڻ لڳو پر ٻن گناهن جي ڪري شراپ سبب ستيه پرش جو درشن نه ٿيندو انهي ڪري شاستر چون تا ته اُتپتي هُن کان ٿيل آهي ۽ هُن کي 14 لوڪن جو راجا به چيو وڃي ٿو. نرنجن جڏهن سماڌي لڳائي ويٺو هو ان وقت شکشم ويد به هو ڇا ڪيو جو ان مان ڪافي شيون هٽائي باقي پنهنجي طرفان رکي سواسا مارگ کان ويدن جي اُتپتي ڪئي مطلب ته ويد شکشم ويد مان رڳ، سام، يجر ۽ اٿر ويد اُتپن ٿيا. جڏهن برهما، وشنو مهيش وڏا ٿيا. تڏهن برهما ماتا کان پُڇيو ته اسان جو پتا ڪير آهي. تڏهن ماتا اشٽنگي ڇيو ته آئون توهان جي ماتا آهيان ۽ ٻيو ڪير نه آهي اهو ٻڌي ٽئي نا خوش ٿيا پوءِ نرنجن آڏ شڪتي کي ڇيو ته ٽنهي ديون کي چئو ته سمنڊ مٿين ڪن پوءِ ماتا جي آگيا سان تر ديو ٻين ديوتائن ۽ اَسُرن جي مدد سان سمندر مٿي ڪيو ان کان اڳ ماتا درگا پنهنجي جسم جي ميل مان ٽي ڪنيائون ٺاهي سمندر ۾ گپت موڪلي ڇڏيون اهي ساوتري، لڪشمي جي ۽ پاروتي جي هيون. سمندر جڏهن مٿي ٿيو. ته پهرين ٽي ڪنيائون ظاهر ٿيون جيڪو ماتا دُرگا جي حڪم سان ساوتري برهما کي، لڪشمي وشنو ۽ پاروتي شِو جي حوالي ڪيون جن مان اُتپتي ٿي ان کان پوءِ وري نرنجن ماتا کي چيو ته ترديون کي چئو ته وري به سمنڊ مٿين ڪن پوءِ گپت ويد ۽ 14 رتن نڪتا ويد برهما کي، امرت ۽ مايا وشنو کي ۽ شو کي وِش، ديو ۽ ديوتائن کي ٻيا رتن ماتا شري ڏنا. برهما ويد ۾ پڙهيو ته هڪ پرش اهڙو آهي جنهن جو شيش آڪاش ۾ ۽ پير پاتال ۾ سوريه ۽ چندر ۾ اکيون چار طرف ان جا ڪن ان جي مورت جيوتي سروپ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان کي ويرات پرش توڙي نرنجن نرڪار چون ٿا. جڏهن برهما ويد جي حقيقت ماءِ کي ٻڌائي تڏهن ماتا شري چيو ته نرنجن مونکي ٻڌائڻ کان منع ڪئي هئي، هاڻ حقيقت ته نرنجن نرڪار توهان جو پتا شري آهي. ست سرگ ۾ مستڪ ست پاتال ۾ پير آهن، اتر دسام طرف اکت پشپ کڻي وڃ جي درشن ڪرڻو هجي پوءِ برهما اتر طرف ويو جتي روشني نه هئي جتي ڌيان سان سماڌي لڳائي چار يُڳ ويٺو پر نرنجن جو ديدار نه ٿيو پوءِ آد شڪتي الک نرنجن جو ڌيان لڳائي عرض ڪيو ته ان تي نرنجن چيو منهنجو درشن نه ٿيندو برهما کي واپس گھرائي جگت جي اُتپتي جو ڪاريه شروع ڪرايو. پوءِ ماتا پنهنجي انگ جي ميل مان ڪنيا ٺاهي جنهن جو نالو گائتري رکيو. ۽ چيو ته تنهنجو ڀاءَ برهما اُتر شام سُن ۾ آسن لڳائي ويٺو آهي. ان کي وٺي اچ ۽ چئج ته ماتا گھُرايو آهي. پوءِ گائتري برهما وٽ وئي ۽ سماڌي مان جاگرت ڪيو ته برهما ڪاوڙ مان چيو ڪير! ته گائتري چيو آئون تنهنجي ننڍي ڀيڻ آهيان توکي ماتا گھُرايو آهي. برهما چيو ته مون پتا شري جو درشن نه ڪيو آهي ائين ڪيئن هلان ها هڪ ڳالهه هي  آهي ته توکي گڏ شاهدي ڏيڻي پوندي ته پتا جو درشن ٿيو آهي. تڏهن گائتري چيو ته اڃا ڪير ٽيون هُجي جيڪو شاهدي ڏئي  انهي تان ٻنهي ڀوگ ولاس ڪيو ۽ ان مان هڪ ڇوڪري پوپاوتي پيدا ٿي ۽ واپس اچي ماتا کي پيءَ جو درشن ٿيڻ جو چيو پوءِ ماتا شري انتر ڌيان ٿي نرنجن کان پُڇيو نرنجن چيو ته اهو سچ نه آهي پوءِ برهما کي شراپ ڏنو ته نه تنهنجو مندر هوندو ۽  نه پوڄن ٿيندي گائتري کي چيو ته تون ڍڳي ٿيندين تنهنجا پتي جام ٿيندا پوپاوتي کي چيو ته تون ڪيوڙ ڪيتڪي ٿيندين گندي جگھ تي ٿيندين جيڪي توکي واهيندو اهو وانجھيو ٿيندو ڪُجھ دير کانپوءِ ماتا شري کي پڇتاءَ ٿيو ۽ پوءِ آڪاش واڻي کان نرنجن چيو ته تو اهو ٺيڪ نه ڪيو هاڻ ان جو بدلو توکي دوئاپور ۾ دورپتي جي روپ ۾ پنج ڀرتارن سان شادي ڪرڻ جي صورت ۾ ملندو. پوءِ ماتا شري وشنو جيءِ کي چيو ته پاتال لوڪ ۾ وڃ ۽ پتا شري جي پيرن ۾ ويهي ڀڳتي ڪر جتي ويو ۽ شيش نانگ ڦوڪ ڏني نيل رنگ ٿي ويو ۽ نرنجن جي ڪابه نشاني نه ملي واپس ماتا کي چيو ته مون پتا جي پير نه ڏٺا آهن ان تي ماتا چيو ته سچ چيو آهي شراپ کان بچي ويو آهين نانگ جو توکي تڪليف ڏني آهي. هن جو بدلو ڪرشن اوتار مان ضرور وٺجان پوءِ خوش ٿي ماتا شري ان کي سرگيه لوڪ ڏنو ۽ جيون جي پالڻ پوشن جي اڌيڪار ڏنو برهما ۽ شو کي به وشنو جي سهاري اڌين رکيو ۽ جي نرنجن جو درشن ڪرڻو آهي ته پنهنجي گھت اندر من شانت رکي ڌيان ڌر ڇاڪاڻ ته  من سروپ اهو نرنجن روپ آهي ايئن ڪرڻ سان وشنو جي کي نرنجن جو ديدار ٿيو اهو به چيل آهي ته اهي پنج جڏهن هڪ ٿين ٿا ته پرليه ٿئي ٿو. شو جي کي چيو ته تنهنجي اِڇا ڪهڙي آهي شو جي چيو ته ماتا مون تي ديا ڪريو ته سدائين اهڙو جو اهڙو امر هُجان تڏهن ماتا چيو ته جيسين آڪاش ۽  ڌرتي رهندي تيسين تون به اهڙو جو اهڙو هوندين پوءِ برهما جي کي وشنو چيو ته جتي منهنجي پوجا يگيه تيرٿ ورت ٿيندي اُتي سڀ پهرين تنهنجي برهمڻ جي روپ ۾ پوجا ٿيندي ان جو مثال ڪوبه ڪاريه برهمڻ کان سواءِ نه ٿيندو. اهڙي طرح سرشتي جي رچنا هن ڀَوَ ساگر تي ٿي.



















برهما، وشنو ۽ شو جي اُتپتي

جڏهن ست پرش طرفان الک نرنجن ۽ ماتا درگا (اشٽنگي، آڏڀواني) اُتپن ٿيا ۽ انهن کي ڀَوَ ساگر 21 برهمانڊ ۽ ترلوڪيه جو راڄ مليو پوءِ نرنجن ۽ آڏ ڀواني ترديو برهما، وشنو ۽ شو جي اُتپتي ڪئي. برهما جي وڏو هو جنهن کي ماتا آڏ ڀواني ۽ نرنجن ڀَوَ ساگر جي اُتپتي لاءِ چيو پوءِ برهما جي پهرين چار پتر يا چتر سينا سنڪا، سناتنا، سناندنا ۽ سنت پيدا ڪيا جن کي برهما  اُتپتي لاءِ چيو جن انهي ڪم کان انڪار ڪيو ۽ وشنو ڀگوان جي ڀگتي ۾ رهڻ لڳا پوءِ برهما جي پنهنجي من يا دماغ مان 10 پُتر پرجا پتي ۽ هڪ ڪنيا  پيدا ڪيا. جن مان هي دنيا ٺهي 10 پٽن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
 1. ماريچي رُشي: جنهن جي معنيٰ آهي روشني جا ڪرڻا جنهن کي ستن رُشين مان هڪ ڳڻي سگھجي ٿو.(7 رُشي نالي 1. ماريچي 2. اَتري رُشي 3. انگيداس رشي 4. ٻلها رُشي 5. ڪراتو رُشي 6. پلستي رُشي 7. وشيسٽ رُشي آهن )
2. اُتري رُشي: هن کي ڏند ڪٿائن جو داناه سڏيو ويندو آهي. هي برهمڻ، کتري وئش ۾ گوتر پڻو ظاهر ڪري ٿو. جڏهن برهما جا سڀ پُٽ شو جي سراپ سان ختم ٿي ويا ته برهما جيءِ حَون ڪيو باه جي شعلن مان ٻيهر اُتري رُشي پيدا ٿيو ۽ پوءِ اتري ۽ سندس زال انوشويا کي دتاتري، دُرواسا ۽ سوما پيدا ٿيا مٿيان ٽيئي ترديو جا اوتار آهن. جيڪي پهرين جنم ۾ پيدا ٿيا ۽ ٻئي جنم ۾ اريامر ۽ ڌيءِ آملا پيدا ٿيا.
3. انگيراشا رُشي: هن جو اٿر ويد ۾ وڏو ڪم ڪيل آهي. هن جي استري سُروپا ۽ پٽ اتيٿائي، سمووارتنا ۽ برهسپتي هئا
4. پُلها رُشي: هي برهما جي دُن يا نابي مان پيدا ٿيل آهي هي شو جي سراپ سان سڙي ويو هو. ۽ وري ويئوسوتا منواتر يعنيٰ من يا دماغ مان پيدا ٿيو پهريائين منواتر وقت دڪش جي پُتري ڪشاما، مان ڪردما، ڪناڪپتيا ۽ پيوريه ڪنيا پيدا ٿيا.
5. پلتسيا رُشي: وشنو پراڻ برهما کان ملي پوءِ هن پاراسر رُشي کي ڏني. هي پهرين منواتر مان ستن رُشين مان هڪ آهي هي وسراواس جو پيءِ آهي وسراواس ڪٻير، راوڻ ۽ ٻين سڀ راڪششن جو پيءِ هو. ڪردم جو 9 نمبر ڪنيا هويرڀُو سان شادي ڪئي هن کي ٻه پٽ 1. وسراواس 2. اگستئي رُشي هئا وسراواس کي ٻه استريون ڪيڪسي جنهن مان راوڻ، وڀيشڻ ۽ ڪُنڀ ڪرن ٿيا. 2. اِلاويدا اُن مان ڪٻير پيدا ٿيو.
6. ڪراتُو رُشي: جيڪو ٻن عمرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو سونئڀئوا منواتر ۾ هي پرجا پتي هو ۽ ڀڳوان برهما جو پيارو پُٽ هو هي پرجا پتي دڪش جو ناٺي هو هن جي استري جو نالو سنٿاٽي هو اهو چئجي ٿو ته هن کي 60 هزار اولاد هو ۽ ٻئي دفعا  ويوسوتا منواترا ۾ ڄائو. شو جي وردان مطابق ان کي منوانتر ۾ ڪوبه خاندان نه هو هي برهما جي هٿ مان اُتپن ٿيل آهي. هن کي اولاد نه هو ڪراتو اگستئي جي پُٽ اِڌواها کي گود ۾ ورتو هو. هن کي ڀرگ واس به چوندا آهن
7. وشيسٽ رُشي: هي منواتر ۾ ستن رُشين مان هڪ آهي ۽ هن کي ڪامدينو ۽ ڌيءِ نندني مليل هئا ڪامدينو هر منوڪامنا پوري ڪندي هئي هن کي رڳ ويد جي 7 منڊلن جو ليکڪ به چئجي ٿو. تارن جي علم جو ماهر هو هن جي استري جو نالو ارونڌي هو
8. پراڇيٿاسا رُشي: هي جھونن رُشين مان نيا ۽ قانون جو ماهر ڳڻيو وڃي ٿو هن ڏه هزار سال سمنڊ جي تري ۾ وشنو جي تپسيا ڪئي ته هن کي وردان ملي ته هي انسان ذات جو پيدا ڪندڙ ٿئي هن ڪنڪلوجي ڌيءِ منيشا سان شادي ڪئي جنهن مان راجا دڪش پيدا ٿيو.
9. ڀرگو رُشي: هي اڳڪٿين جو ماهر ۽ جوتش علم جو ابو سڏجي ٿو. ڀرگو سميتيا جو ليکڪ هن جو منوسمرتي جي جوڙجڪ لاءِ وڏو حصو آهي هن ڪياتي سان شادي ڪئي ڪياتي دڪش جي پتري جنهن مان ڌاتا ۽ وڌاتا ٻه پٽ ۽ ڪنيا سري يا ڀرگوي جنهن سان وشنو شادي ڪئي.
10. نارد مُني: نارد ويدانني رُشي آهي. هن وٽ سدائين تنبوري هٿ ۾ هوندي هئي. سنگيت جو ماهر هو. هي سدائين وشنو ڀگوان جي شان ۾ نارائڻ نارائڻ رٽي خوش ڪندو هو.
11. شتي رُوپا: هي برهما جي پُتري سوين روپ برهما جي جسم جي مختلف حصن مان پيدا ٿيل آهي. برهما جا چار سِر هئا شترُوپا جنهن طرف ويندي هئي ته سِر طرف ٻڌائيندا هئا. نيٺ آڪاش طرف ويئي ته برهما پنجون سِر ڌارڻ ڪري پويان ويو شِو ڪروڌ ۾ برهما جو پنجون سِر ڪٽي سراپ ڏنو ته نه تنهنجو مندر هوندو ۽ نه تنهنجي پوجا ٿيندي.
شو ۽ پاروتي مان گنيش ۽ ڪارتيڪيه ٻه پٽُ آهن ان کانسواءِ نانگن جي ديوتا منيشا ۽ اشوڪا سُندري ۽ راڪشش انڌڪا ۽ جلنڌرا ۽ منگلا ديوتا به شو جو اولاد آهن.
وشنو ڀگوان ۽ لڪشمي ديوي کي ڪوبه اولاد نه هو پر جڏهن انهن اوتار ڌاراڻ ڪيا تڏهن پنهنجي سنتانن کي جنم ڏنو آهي.
ترلوڪيه ٺهڻ کان پوءِ ڀَوَ ساگر جي اُتپتي چار کاڻين ۾ ورهايل آهي.
1. انڊ: جنهن کي ماتا درگا يا آڏ ڀواني پيدا ڪيو هن  ۾ سمندر پکي اچن ٿا. 9 لک پکين ۽ 14 لک جل جون جوڻيون آهن.
2. او سمجھيه: جنهن کي وشنو ڀگوان پيدا ڪيا. هن کاڻي ۾ ڪيڙا ماڪوڙا پتنگ ۽ سنها جيت وغيره اچن ٿا. 27 لک جوڻيون اچن ٿيون.
3. پنڊ کاڻي: جنهن کي برهما پيدا ڪئي. هن ۾ هڏن وارا جانور، کير ڏيندڙ جانور ۽ ماڻهو وغيره اچن ٿا هن ۾ 4. لک جوڻيون آهن.
4. سٿاور کاڻي: جيڪا شو ڀگوان پيدا ڪئي هن ۾ وڻ ٽِڻ جبل وغيره اچي وڃن ٿا. هن ۾ 30 لک جوڻيو اچن ٿيون
ٽوٽل 84 لک جوڻيون آهن جن جي پوري ڪرڻ بعد وري منُش چولو ڪرمن جي انوسار تحت ملي ٿو.  
24  اوتارن جا نالا:  .1. مڇ اوتار2. ڪڇون اوتار 3. نارا 4. نارئڻ 5. مها موهني 6. وارا 7. نرسنگھ 8. وامڻ 9. پرسرام 10. برهما 11. رودرا 12. جلندرا 13. وشن 14. شيشائي 15. اريهنت ديو 16. منو 17. ڌنوانتري 18. سورج 19. چندر 20. راما 21. ڪرشن 22. نارا (ارجڻا) 23. ٻڌ اوتار 24. نڪلنڪي اوتار. 

18 پراڻن جا نالا: .1. برهم پراڻ 2. پرم پراڻ 3. وشنو پراڻ 4. اگني پراڻ 5. ڀوشيه پراڻ 6. شو پراڻ 7. ڀاڳونت 8. نارد پراڻ 9. مارڪنڊيا پراڻ 10. لنگ پراڻ 11. واراه پراڻ 12. اسڪنڊ پراڻ 13. برهم ويووٿ پراڻ 14. وامن پرڻ 15. ڪورم پرڻ 16 مٿيا پراڻ 17. گُرڙ پرڻ 18. برهمانڊ پراڻ. 

0 comments:

Post a Comment