Writer:Goman Mal Rathore





هندن جا مکيه مذهبي ڏڻ


هر هڪ قوم ۽ ملڪ کي پنهنجا پنهنجا مذهبي ڏڻ ۽ تهوار آهن، اسان کي به گهرجي ته اسين پنهنجن ڏينهن بابت پروڙ پنهنجي دل اندر رکون، هندو ماتر هيٺيان ڏهاڙا ملهائيندا آهن.
دسهڙو: هي هندن جي وڏن ڏينهن مان هڪ آهي، اسو مهيني جي ڏسمي تي ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ اچي ٿو، هي تهوار نو ڏينهن درگا ڪالڪا ديوي جي پوڄا ڪندي ملهائبو آهي، هن ڏينهن شري رامچندر راوڻ مٿان سوڀ حاصل ڪئي هئي، راوڻ جو وڏو پتلو ٺاهي ڏهين ڏينهن تي ڦٽاڪن ۽ باهه سان ساڙيو ويندو آهي.
ڏياري: هي هڪ هندن جو شُڀ ڏڻ آهي، جو هر سال برساتي مند کانپوءِ سياري جي شروعات ۾ ڪَتي مهيني ۾ دسهڙي کان ويهه ڏينهن پوءِ ايندو آهي. _ظلم تي انصاف جي فتح بعد) شري رامچندر جي ايوڌيا واپس اچڻ جي خوشي ۾ هي پرٻ ملهايو ويندو آهي، سڀ هندو پنهنجا گهر صاف سٿرا ڪري سجائي ۽ ڏيا ٻاري ان جو جشن ڪندا آهن، لڪشمي پوجا به ڏياري رات ڪئي ويندي آهي.
ترهوري: هن مڪر سنڪرات پڻ چيو ويندو آهي، هندن لاءِ تمام پويتر ڏينهن آهي 13 ۽ 14 جنوري تي ٿيندو آهي، هن ڏينهن ڀيشم پتامهه جنگ دوران پراڻ تاڳيا هئا، ترهوري کان پوءِ سردي گهٽجڻ لڳندي، ڏينهن وڏو ۽ رات ننڍي ٿيڻ لڳندي آهي، هندو ان ڏينهن، چانور، موريون، گجر، ترن جا ڀورينڊا ۽ گيهه وغيره غريبن ۾ دان ڪندا آهن.
بسنت پنچمي: اهو ڏينهن ماگهه مهيني جي سمائي پکش جي پنچم تي ملهائبو آهي، هي ڏينهن بهار جي رنگ برنگي موسم شروعات ڏينهن آهي. هن ڏينهن سر سوتي ديوي جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، پنجاب ۾ هي ڏينهن لغڙ اڏائڻ سان ملهايو ويندو آهي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ لبوس ماڻهو رنگ برنگي لغڙ اُڏائي بهار جي مُند جو استقبال ڪندا آهن.
مهاشِوَ راتڙي: ماگهه مهيني جي اونداهين پکش تيرس ۾ هي مهان رات اچي ٿي، ماڻهو ان ڏينهن اپواس رکي شنڪر ڀڳوان جي پوڄا ڪن ٿا، رات جو جاڳرڻ ڪن ٿا. هن ڏينهن ميلا به لڳن ٿا، جن ۾ پاڪستان شو جو ميلوعمرڪوٽ شهر ڀرسان هر سال لڳي ٿو.
گڻيش چوٿ: ڪوبه نئون ڪم يا سفر شري گڻيش جو نالو وٺي ڪبو آهي، ماگهه مهيني جي اونداهين چوٿ تي گڻيش چوٿ جو ورت رکبو آهي، هندو عورتون اهو ورت رکي گڻيش ديوتا جهڙو گڻوان، ودوان، پٽ ملڻ جي دعا ڪنديون آهن. ڏينهن جو اپواس ڪري رات جو 9 کان 10 وڳي چنڊ کي ڏسي پوڄا ڪري ورت ڇوڙينديون آهن.
هولي: ڦڳڻ مهيني جي چانڊوڪي چوڏس تي ۽ انگريزي سال مطابق مارچ، اپريل ۾ هي تهوار ملهائبو آهي، هي رنگن جو تهوار آهي، سچ جي جيت ۽ ڪوڙ جي هار جو ڏينهن آهي.
چيٽي چنڊ: ان ڏينهن وڪرم سنبت شروع ٿئي ٿو، نئون سال نون جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، ٻيو ته هن ڏينهن اڏيرو لعل جو جنم ٿيو، جنهن حاڪم مرک شاهه کي شڪست ڏني ۽ هندو ڌرم جي رکشا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رام نومي: ان ڏينهن ڀڳوان شري رامچندر جو جنم ٿيو هو ۽ اهو ڏينهن چيٽ جي نائين چانڊوڪي رات تي ملهائبو آهي.
ويساکي: هي مها پوتر ڏينهن آهن، گوتم ٻڌ جو جنم، نرواڻ ملڻ ۽ چولو مٽائڻ انهي ڏينهن تي ٿيا هئا.
رکڙي پونم رکشا بنڌن: هي ڏڻ سانوڻ مهيني جي پورڻماسي تي ملهائبو آهي، هن ڏينهن هندو ناريون پنهنجن ڀائرن جي هٿن ۾ رکڙي ٻڌي سندن سلامتي ۽ وڏي عمرجون دعائون ڪن ٿيون. هي تهوار اڪثر آگسٽ مهيني ۾ ايندو آهي.
ٿڌڙي: هي ڏينهن جنم اشٽمي کان هڪ ڏينهن اڳ ايندو آهي، ديوي جي پوڄا ڪبي آهي (۽ ماتا ۽ مدي جي بخار کان بچاءُ لاءِ پرارٿنا ڪبي آهي) هڪ ڏينهن اڳ رڌيل پچايل ڳڙ کنڊ جي ٽڪلين ۽ کٽي کچ سان پيٽ ٿڌو ڪبو آهي، ان ڏينهن گهر ۾ چلهه ڪونه ٻاربو آهي.
جنم اشٽمي: ٿڌڙي جي ٻئي ڏينهن سانوڻ مهيني ۾ هي ڏينهن شري ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڏينهن هئڻ ڪري ملهائبو آهي، هن کي ڪانهوڙو به چون ٿا. هن ڏينهن ڪرشن ڀڳوان پوترا ڌوئڻ لاءِ برسات وسائيندو آهي، (هي هڪ عقيدو آهي).
ٽيجڙي: هي تهوار بڊي (ڀدرو) مهيني جي ٻارس تي ملهائبو آهي. سهاڳڻ هندو ناريون پنهنجي پتي جي وڏي عمر ۽ سانوڻ جي اونداهي ٽيج تي ٽيجڙي جو اپواس رکنديون آهن، رات جو چنڊ ڏسي ورت ڇوڙينديون آهن، چون ٿا ته هن ڏينهن تريتا يگ جو آرنڀ (شروعات) ٿيو هو.
تلسي وواهه: ڪتي جي چانڊوڪي نام تٿ تي هي ڏيڻ ملهائبو آهي. 3 يا 4 ڏينهن لڳاتار ڏينهن جو ورت رکبو آهي، پوءِ اگيارس تي تلسي جو سالنگرام سان وواه ڪيو آهي. هن ڏينهن جو وڏو پڃ آهي.
نانگ پنچمي: سانوڻ جي چونڊوڪي پنچم تي هي ڏڻ ملهائبو آهي، ان کي گوگو يا گوگا پنچم به چئبو آهي، اصل ۾ هي جوڳين ۽ ٻين دراوڙ قبيلن جو ڏينهن آهي، پر هاڻ ٻيا هندو ورڻ (جاتيون) به هي ڏينهن ملهائين ٿيون، ان ڏينهن گوگڙي (نانگن) جي پوجا ڪبي آهي.
ٻن: ڀدري مهيني جي اونداهي گيارس تي اپواس ري ٻارس تي ڇوڙيو ويندو آهي.
ان مٽيو / پارس: هن کي واڇرا ٻارس به چئبو آهي
.آکاٽي: هي ڏهاڙو هر سال ويساک مهيني جي پتران جي اُماوس جي ٽئين ڏينهن ملهائي ويندي آهي، اهو ڏينهن مهاراج فرسرام جي جنم جو ڏينهن چيو ويندو آهي.
سورج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ:
جنهن پورڻماسي تي راهو جو گرهه چندرما تي پوي ٿو، انهي ڏينهن چنڊ گرهڻ ٿئي ٿو، جنهن اماوس تي ڪيتو جو گرهه سروج تي پوي ٿو، انهيءَ ڏينهن سورج گرهڻ ٿئي ٿو، انهيءَ ٻنهي ڏينهن تي خاص ڪري انهي ٽائيم تي جنهن وقت راهو ۽ ڪيتو جو اثر چندر مان ۽ سورج تي رهي ٿو، انهيءَ وقت برهمانڊ جو وايو منڊل سٺو نٿو رهي، جنهن ڪري ئي شاسترن جي مريادا موجب اهو سمورو وقت ايشور جي اپاسنا ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي، انهيءَ تي هون يگيه ۽ ڀڄن ڀاوَ وغيره ڪيا وڃن ٿا، ته جئين آپدا جو وقت ٽري وڃي.


0 comments:

Post a Comment