Writer:Goman Mal Rathore




سناتن ڌرم ۾ شودر ورڻ سان ويڌن
۽ متڀيد ختم ڪرڻ لاءِ عظيم انسان جو ڪردار


هندو ڌرم جو پراڻو نالو سناتن ڌرم آهي، جنهن ۾  چار ورڻ برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر ٺاهيا ويا، شودر ورڻ جي ماڻهن کي گهٽ سمجهيو ويندو هو، ۽ ٻيا ورڻن وارا پاڻ کي مٿي سمجهندا هئا، ليڪن برهمڻ پاڻ کي اُتم ۽ وڏي ذات سمجهندا هئا، جن هندو ڌرم جي ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪ منوسمرتي جهڙا قانون نافذ ڪري سڀ اختيار برهمڻ پاڻ وٽ رکيا، ۽ ويدن جا ٺيڪيدار بڻجي ويٺا، خاص ڪري شودر ورڻ ۾ ميگهوال، ڀيل، ڪولهي، جوڳي، سانسي، باگڙي، اوڏ ۽ ٻيون ذاتيون اچي وڃن ٿيو، جن سان بيحد ظلم ۽ زيادتيون، جانورن کان به بد ترين سلوڪ ڪندا هئا، منو سمرتي ۾ هيٺيان قانون لاڳو ڪيا ويا.
آرين جون سمرتيون ۽ پراچين لوڪ
بقول بابا صاحب ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر منو مهراج جن آرياڻي سورتين (قانونن) جي چٽائي ڪئي، سي هيٺ ڏجن ٿيون.
1.                    ڪوبه پراچين لوڪ آدوياسي شودر باقي ٽنهي ورڻن برهمڻ، کشتري، ۽ وئش سان به زباني جهٽاڀيٽي نه ٿو ڪري سگهي، ايئن ڪرڻ وارو آد انادي لوڪ جي سزا هئي، ته ان جي زبان ڪاٽي ويندي هئي.
2.                    ڪوبه داس (پراچين لوڪ) پنهنجي ذات کان مٿي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ وڏي ذات وارن جو ڌنڌو اختيار ڪرڻ واري کي ڪوڙا هڻي ان جي کل لاٿي وڃي.
3.                    ڪوبه شودر پراچين لوڪ جو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن وڏي ذات واري کي گارگند يا هٿ کڻي ٿڦڙ يا مڪو هڻي ته ان جا هٿ ڪاٽيا وڃن.
4.                    سنسڪرت، ديوتائن جي زبان آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ سکڻ جو اختيار صرف برهمڻن کي حاصل آهي، اگر ڪوبه شودر سنسڪرت جو پاٺ ٻڌي وٺي يا انهن جو هڪ لفظ به ڪن تي پوي ته ان جي ڪنن ۾ پگهريل شيهو وڌو وڃي.
5.                    جيڪڏهن ڪوبه شودر هڪ به ويدڪ لفظ پنهنجي زبان تي آڻي ته ان جي زبان ڪاٽي وڃي.
6.                    ڪوبه شودر جيڪڏهن ويد جو شلوڪ ياد ڪري ته ان جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃن، جيئن سنبيڪا (شمبوڪا) نالي هڪ شودر رشي جا رامچند ٽڪرا ٽڪرا ڪيا هئا.
7.                    جيڪڏهن ڪوبه اعليٰ ذات جو فرد ڪنهن شودر ناري سان بدڪاري ڪري ته ان کي برادري مان خارج ڪيو وڃي، پر ڪوبه شودر ڪنهن اعليٰ ذات جي ناري سان بدڪاري ڪرڻ جو مرڪب ٿئي ته ان کي موت جي سزا ڏني وڃي، ۽ جيڪڏهن رڳو بدڪاري جو سبب بڻجي يا هٿ چوراند ڪري ته ان جي مخصوص عضوي کي ڪاٽيو وڃي.
8.                    ڪوبه شودر ملڪيت رکڻ جو اختيار نه ٿو رکي سگهي، ڇاڪاڻ ته اها برهمڻ جي تڪليف جو باعث بڻجي ٿي، انهيءَ لاءِ برهمڻ کي اهو اختيار هو ته هو زبردستي اها ملڪيت کسي سگهي ٿو ۽ ان جو برهمڻ تي ڪوبه ڏوهه نه هو.
9.                    ڪوبه شودر جيڪڏهن ڪنهن ه برهمڻ بابت مذاق اُڏائيندو ته ان جي منهن ۾ ڏهه آگر جي ڊگهي ميخ وجهڻ کپي.
10.                 جيڪڏهن ڪوبه شوڌر ڪنهن همت يا گستاخي سان برهمڻ کي ڌرم جي تعليم بابت چوي ته ان جي منهن ۽ ڪنن ۾ گرم تيل وڌو وڃي.
11.                 رياست جو راجا ڪنهن برهمڻ کي موت جي سزا نٿو ڏئي سگهي، باوجود ان جي برهمڻ جو ڪهڙو به سنگين ڏوهه هجي.
12.                 شودر کي شهر جي اوڀر طرف شهر کان پري ڪچري جي ڍڳن وٽ گهر ٺاهڻا هئا ۽ اُتي رهڻو هو، جيئن اولهه ۾ اوچين ذاتين جي گندگي جي هوا به انهن کي لڳي.
13.                 شودرکي صرف گڏهه ۽ ڪتا پالڻ جو اختيار هوندو هو.
14.                 انهيءَ سان گڏ انيڪ سمرتيون وقت به وقت برهمڻن جي طرفان اصل آدوباسي لوڪن کي هيسائي، دٻائي، نيچ ۽ حقير بنائي رکڻ لاءِ نڪرنديون رهيون، جنهن بعد هو اصل لوڪ پنهنجو اڳئين جنمن جو ڪرم ٺيڪ نه هئڻ جو سمجهي قبول ڪندا رهيا ۽ ائين صفعه هستي تان مٽجندا ويا، جيئن تخت تاج حڪومتون عهدا ۽ نوڪريون سندس نصيب ۾ نه هيون ۽ تعليم کان هميشه پوئتي رکيو ويو ۽ هو اهڙي جهنگلي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا، جو انهن وٽ ڪا راهه يا گس نه رهيو هو.
نوٽ: اهي پيرائون وڪيل ڀورو مل جو لکيل ڪتاب پراچين لوڪ جي صفحي نمبر 62 تان ورتل آهن.
برهمڻ ۽ ٻين وڏين ذاتين وارن جو شودرن سان بدسلوڪ ڏسي انهن مان مت ڀيد ختم ڪرڻ لاءِ عظيم انسانن وڏيون جنگون جوٽي قربانيون ڏنيون، جنهن ۾ خاص ڪري مهاتما گوتم ٻڌ، ڊاڪٽر امبيڊڪر عرف ڀيم راءِ، گرو نانڪ، جوڳيندر ناٿ، منڊل جگ جيوڻ رام، ڦولڻ ديوي، ڪجهه ٻين نيڪ انسانن هندو ڌرم، شودرن کي برابري جا حق ملڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۽ زماني جي گردش جي ڪري شودر ورڻ جي ماڻهن کي هنر ۽ علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. سال 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وڏو انقلاب آيو جو شودر ورڻ وارا هنر ۽ علم جي زور تي دنيا ليول تي پهتل آهن. وڏا ڊاڪٽر، انجنيئر، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وڏن عهدن تي فائز آهن، جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهن پيا، اسان جي ٿر ۾ به جيڪي شودر ورڻ جي ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتيون هيون، انهن ۾ مت ڀيد ختم ڪرڻ لاءِ جن قربانيون ڏنيون، انهن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ايم اين اي، روپلو ڪولهي، سڳالچند سيجو، وڪيل ڀورو مل ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، امر سنگهه ڀيل، سينيٽر انجنيئر گيانچند ويرهاڙ، پنهو مل هميراڻي، پونجو مل ڀيل، ايم پي اي، سنڀو مل هميراڻي، وڪيل گومن مل تيجاڻي، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ، لالو مل جمعدار، ۽ ٻين جو ڪردار آهي.
برهمڻن هندو ڌرم جي ٺيڪيداري سنڀالي رکي، جن پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ مڌ مست ٿي هندو ڌرم ۾ مت ڀيد، اوچ نيچ جو وڏو فرق رکيو. برابري جو سلوڪ نه هئڻ ڪري خاص ڪري شودرن سان ظلم زيادتيون هئڻ ڪري ڪافي ماڻهو هندو ڌرم ڇڏي،ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، سک ڌرم، دين اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ هليا ويا، جنهن ڪري هندو ڌرم کي وڏو نقصان پهتو. ۽ برهمڻن کان به اقتدار جون واڳون هٿان نڪري چڪيون آهن.
شوپراڻ جي پهرين اڌيا ۾ لکيل آهي ته براهمڻ پنهنجي ڌرم کي ڇڏي کتري، وئش ۽ شودرن جا ڪرم ڪرڻ لڳندا، کتري ۽ وئش به پنهنجا ڪرم ڪرڻ کان ڪري پوندا، شودر قوم، برهمڻ کتري، وئش بڻجڻ جو حق رکندا، مطلب ته ڪلڪجگ ۾ شودرن جو ازالو ٿيڻ وارو آهي، ڪلنڪي اوتار پرگهٽ ٿيڻ وارو آهي، شودرن کي پاڻ ۾ يڪجهتي ڪري هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي.



0 comments:

Post a Comment