ٿر جا ميلا
ٿر جا ماڻهو بئراجي سنڌ
جي ماڻهن وانگر صوفين ۽ الله لوڪ ماڻهن ڏي گهڻا مائل رهيا آهن، ۽ انهن بزرگن ۽
درويشن جي عظمت جي يادگيري ڪندي هنن بزرگن جي لڳندڙ ميلن تي هر سال پوري شرڌا ۽ سچي نيت سان حاضري ڀريندا آهن. هندو ماتر جا اهي
ميلا ٿر ۾ لڳن ٿا.
راما پير جو ميلو: چيلهار شهر ٻاهران هي ميلو هر سال سانوڻ مهيني جي هر ٻيج تي لڳندو آهي، ساڳي ڏينهن تي ٽنڊو الهيار ۾ به راما پير جو ٽه ڏهاڙو ميلو لڳندو آهي، ٽنڊو الهيار وارو ميلو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، پوري پاڪستان مان هندو ياتري ايندا آهن.
راما پير جو ميلو: چيلهار شهر ٻاهران هي ميلو هر سال سانوڻ مهيني جي هر ٻيج تي لڳندو آهي، ساڳي ڏينهن تي ٽنڊو الهيار ۾ به راما پير جو ٽه ڏهاڙو ميلو لڳندو آهي، ٽنڊو الهيار وارو ميلو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ميلو آهي، پوري پاڪستان مان هندو ياتري ايندا آهن.
ساردرو ڌام: هي ميلو ننگرپارڪر شهر جي اولهه ۾
ڪارونجهر جبل جي وچ ۾ ماهه ڦڳڻ جي اونداهي تيرس کان 3 ڏينهن لڳندو آهي.
شري هرداس ڀڳت جو ميلو: هر ڀدري مهيني جي چنڊ تي هي ميلو
مٺي شهر ۾ لڳي ٿو. سنڌ ٿر مان هزارين ياتري ميلي تي ايندا آهن، ڀڄن ۽ آرتي ٿيندي
آهي، مٺي شهر جو هو وڏو ميلو آهي.
ٻوهيٿو جئپال جو ميلو: هي ميلو درگاهه راضي شاهه لڳ نئون
ڪوٽ جي پڪي قلعي وٽ هر سال چيٽ جي ساهي ٽيج جو لڳندو آهي.
گيهو جئپال جو ميلو: هي ميلو ڪلوئي شهر لڳ مهرانڊ ڍنڍ جي
ڪناري تي ويساک مهيني جو پهرين سائو سومر تي لڳندو آهي.
سنت نيڻو رام جو ميلو: هي ميلو اسلام ڪوٽ شهر ۾ سيپٽمبر
مهيني ۾ هر سال لڳندو آهي.
ڀڳت چاندو رام جو ميلو: هي ميلو اسلام ڪوٽ شهر ۾ اسو جي ڇٽ
انڌاري ۾ هر سال لڳندو آهي.
ڏاڏا پاربرهم جو ميلو: هي ميلو ويڙهيجهپ ڏيپلي تعلقي ۾ هر
سال چيٽ مهيني جي انڌاري اگيارس کان چوڏس تائين لڳندو آهي، ڇڙي هٿ ۾ کڻي، پيرين
پنڌ ايندڙ ٿر ۽ سنڌ جا هزارين ياتري هتي اچي درشن ماڻي پنهنجو ڀاڳ اجول ڪندا آهن.
ڀڳت صوفي سترام داس جو ملو: هي ميلو ڍورو نارو جي ڀر ۾ فضل
چوپاڻ ۾ پڊي مهيني جي نم ساهي جو هر سال لڳندو آهي.
ڏاڏا چندل پير جو ميلو: ڪانٽيو شهر کان ڇاڇري طرف ڪجهه
مفاصلي تي هي ميلو هر ڀدري جي ٻيج تي وڏو ميلو لڳندو آهي، ٿر ۽ سنڌ مان سوين ڀڳت
ميلي تي ايندا آهن.
کيڪن جو ميلو: هي ميلو لڳ ڳوٺ ڀارو جو تڙ جي اولهه
پٽ تي ويساک جي پڙواءَ اونڌوئي هر سال لڳندو آهي.
سنت لاڌو رام جو ميلو: هي ميلو ڇاڇري شهر ۾ هر ڀدري جي
چاندڻي چوٿ تي لڳندو آهي.
واڇرا پير جو ميلو: ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ اونهرو واڇرا ۾ آگسٽ مهيني
۾ هر سال لڳندو آهي.
شِوَ جو ميلو: هي ميلو مهاشِوَ راتڙي تي عمرڪوٽ شهر
کان ٻاهر شو مندر ۾ لڳندو آهي، سڄو ڏينهن ياتري اچي ڪنڌ نواي ڀاوَ ڀڳت ڪندا آهن، ۽
رات جو پوڄا ۽ آرتي کانپوءِ ڪيرتن ڪيو ويندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن تي ورت ڇوڙبو آهي.
ماتا مالهڻ ديوي جو ميلو: هي ميلو مٺي چيلهار پڪو روڊ لڳ ڳوٺ
هريار تعلقي مٺي ۾ 2 ڪلو ميٽر اولهه طرف ماگهه ساهي جي چوڏس تي هر سال لڳندو آهي،
جتي هزارين ياتري ايندا آهن.
فقير ٽاڀو ميگهواڙ جو ميلو: هي ميلو اسلام ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي
ماگهه جي چوڏس پونم تي هر سال لڳندو آهي.
ڀڳت جئرام ميگهواڙ جو ميلو: هي ميلو ڳوٺ ويرهاڙ ۾ هر سال 12 جون
تي لڳايو ويندو آهي.
ڀڳت تيجارام جو ميلو: ڳوٺ هريار ۾
هر سال ماهه سيپٽمبر ۾ لڳندو آهي.
***




0 comments:
Post a Comment