Writer:Goman Mal Rathore





ميگهه ونس (ميگهواڙ)
جو هڪ پسمنظر


ميگهواڙ قبيلي جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي، ان تي اهو نالو ڪئين پيو، ان جو به بڻ بنياد ڇا آهي؟ ان جو جيڪڏهن مختصر جواب ڏجي ته اهو هي آهي ته ميگهواڙ هڪ عظيم ۽ تاريخي وجود رکندڙ قبيلو آهي، ۽ ان تي رکيل نالو به انتهائي معنيٰ خيز اهميت رکي ٿو، هندو ڌرم جي سڀ کان پراڻي تاريخي ڪتابن، ويد، پراڻ، واڻي ۽ ڏند ڪٿائن موجب ميگهواڙ لفظ ميگهه مان نڪتو آهي، جيڪو نالو هڪ رشي جو هو، يعنيٰ ميگهه رشي، جنهن کي برهما پيدا ڪيو. ڌرمي تاريخي حوالن موجب شري ڀڳوان آدي نارائڻ پنهنجي ڪمل مان برهما کي پيدا ڪيو، ۽ کيس سرشٽي رچائڻ جو وردان ڏنو، جنهن بعد برهما سرشٽي ٺاهڻ جي اوائل ۾ 12 مني، رشي يا رک پيدا ڪيا، جن ۾ آڏ رک، جڳ آڌ رک، شورک، ڪَنَنڪَ رک، ميڻ رک، چندر رک، پارا رک، ڀوم رک، ٻاٻ رک، ميگهه رک، ميتر رک ۽ ڌوم رک شامل آهن.  ميگهه يعني مينهن، برسات پاڻي وغيره کي سنڀالڻ وارو ان ڪري ئي ان جو نالو ميگهه رشي رکيو ويو، ميگهواڙ قبيلو ان ميگهه رشي جو جسماني يا روحاني اولاد آهي، ”ميگهه“ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ مينهن يا برسات يا پاڻي آهي.
مختلف ٻولين ۾ هن قبيلي جو نالو ٿورو تبديل آهي، جئين ميگهواڙ، ميگهوال، ميگهوار، ميگهه ونشي وغيره اصل ۾ هڪ نالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ميگهه _ برسات ۽ واڙ _ وار، وال، وغيره معنيٰ وارو، يعني برساتن وارو قبيلو.
ڏند ڪٿائن موجب برهما ميگهه رشي کي هن سرشٽي يا ڪائنات جو مڪمل گيان ڏنو، ان جي قدرت جا سمورا اصول، نيم پڙهايا جن کي ڌرم چئجي ٿو ميگهه رشي اهو علم پنهنجي جسماني يا روحاني اولاد (گرو چيلي وارو سلسلو) کي سيکاريو، ان پنهنجي پونئين کي ۽ انهن پنهنجي پونئين کي سيکاريو، جيئن ته ميگهه رک کي پاڻي يا برساتن کي سنڀالڻ جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ مالڪ قدرت جي اصولن يعني ڌرم جي رکشا ڪرڻ جو فرض پڻ سونپيو ويو، جنهن ڪري ان کي هڪ ئي وقت ميگهه رک، رکيشور، رکشڪ، رکيا ڪندڙ، رکيو، وغيره جي نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو.
پرماتما يا مالڪ جي قدرت جي اصولن يا نيمن جي رکوالي ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جا فرض هجڻ جي ڪري ڪنهن وقت يا لاڳيتو کيس عملداري جا فرض به سرانجام ڏيڻا پيا، جنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي قبيلو هميشه محڪوم قبيلو به ناهي رهيو، پر الهيءَ مقام يعني حاڪميت جي حالتن ۾ رهندو آيو آهي، پر وقت جي ستم ظريفي حاڪم مان محڪوم، فاتح مان مفتوح ۽ مهذب شهري مان جهنگلي بڻائي ڇڏيو.
سنڌو ماٿري جي تهذيب دنيا جي چند تمام پراڻي تهذيبن مان ان تاريخ جا پيرا 1000 ق. م کان پوئتي ڪونه ٿا وڃن، پر سنڌو ماٿري ۾ موجود نشانيون، شهرن جا کنڊرات ۽ علم جا اهڃاڻ اهو ٻڌائين ٿا ته هن ڌرتي تي ڪا عظيم ۽ مهذب قوم رهندي هئي، جيڪا دنيا جي سڀ کان ويڪ ترقي يافته، سکي ستابي قوم هئي، آرين انهن باشندن جو سُک، ملڪيتون ۽ وسيلا ڏسي حملا ڪري ڏنا ۽ صدين تائين هٿياربند توڙي نفسياتي جنگيون ڪرڻ کانپوءِ آرين ان قوم کي تهس نحس ڪري ڇڏيو، سندن شهر، علم جا خزانا ساڙي تباهه ڪيا ۽ انسانن جو وڏو انگ قتل ڪري باقي رهيل ماڻهن کي جهنگ، جبلن ۽ ريگستانن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪري، پاڻ مهذب ۽ مالڪ بڻجي ويٺا ۽ حاڪم بڻجي ويا، هڪ آهي، موجوده تاريخ موجب هي خطو هندو آريا جو خطو رهيو آهي، جيڪي اڄ به پاڻ کي جائز مالڪ سمجهن ٿا. آرين ق. م کان هزارين سال اڳ سنڌو ماٿري جي اصل باشندن کي داسو، داسا، جاهل ۽ دشمن سمجهيو ۽ اڄ پڻ ساڻن اهوئي سلوڪ ڪن ٿا.
ڏند ڪٿائن ۽ ويدڪ تاريخ موجب آرين کان اڳ سنڌو ماٿري ۾ آباد اصل باشندن 500 کان 600 سالن تائين آرين سان جنگ ڪئي، پراڻي تايخي روايتن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن رياست يا ملڪ جو والي نه رڳو جسماني، مالي ۽ فوجي لحاظ کان مضبوط شخصيت هوندو هو پر اخلاقي ۽ روحاني طور پڻ اعليٰ پايي جو شخص هوندو هو، سنڌو ماٿري جي باشندن ۽ انهن جي رهبرن ۾ اهي خاصيتون موجود هجڻ ڪري حمله آورن کي هميشه شڪست کي منهن ڏسڻو پيو، پر چالاڪ دشمن اصلي باشندن جا نقل ڪندي نه رڳو روحاني شڪتيون حاصل ڪيون پر روحاني قوت جي آڙ ۾ نفسياتي حملا ڪري هڪ عظيم ۽ ديانتدار قوم کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو.
ويدڪ تاريخ موجب آرين سان جنگ جي آخري مرحلن ۾ آرين جي اڳواڻ اندر (ديوتا) ۽ تڏهوڪي سپتا (ساپتا) سنڌو (ست دريائن واري ڌرتي) جي بادشاهه ميگهه رشي ورائترا (ورائٽ) جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي
500 _ سالن جي جنگين کانپوءِ به موجوده افغانستان کان ڪيرالا تائين اصلي باشندن جي اڪيلي راجا ورائتر جي حڪمراني برقرار هئي تاريخي حوالن موجب ان رياست جو اڳواڻ تواشتا هو، سندن گادي جا مکيه ماڳ هڙاپا ، گنڌارا، ملتان هئا. اهي سموري رياست جا غير تڪراري مالڪ هئا، جنگ ۾ تواشتا جو پٽ وشو روپا ديوتائن هٿان شهيد ٿي ويو، آريا اصل باشندن کي اَسُر جو نالو ڏيئي قتل ڪندا رهيا، جنهن بعد تواشتا جو ٻيو پٽ ميگهه رشي ورائتر آريا فوج کي سامهون ٿيو، سالن جي جنگ کان پوءِ هڪ معرڪي ۾ هن اندر ديوتا کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڄاڙي ڀڄي ڇڏي، پر ان دوران اندر جي ساٿين، وروڻا، سوما ۽ اگني ديو دوکي سان حملو ڪري ورائتر کي شهيد ڪري ڇڏيو. ورائتر جي شهادت کانپوءِ سندس ماءُ دانو جنگ ڪئي پر کٽي نه سگهي، نتيجي ۾ آرين سڄي رياست ۾ خونريزي ۽ تباهي آڻي ڪي 99 قلعا تباهه ڪيا، سمورا شهر ساڙيا, سمورو علمي خزانو ساڙيوويو، انسانن کي قتل ڪيو ويو ۽ باقي رهيل بي هٿيار ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پوري سپتا سنڌو يعني موجود برصغير جي ڏورانهن جهنگلي جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ پناهه وٺي حياتي بچائي. آريا ليکڪن ان قوم جو نالو، داسو، داسا، ۽ جاهل رکيو آهي، پر سندن ئي ليکڪن رگ ويد، سام ويد، اٿر ويد ۾ ان قوم جو نالو ميگهه ۽ ميد ڏنو آهي، رگ ويد ۾ آرين کان اڳ سنڌو ماٿري ۾ آباد ميگهه قوم ۽ ان جي آخري رشي ورائتر جو ذڪر هر هر آيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
رگ ويد : ( Rigveda Hymns)  
I/32, -1, 224. I/ 51-4, I/54 -10, I/55-5,  I/57-6, , I/61-789, , I/103-1,  I/130-3,  I/35-6, V/32-1, VI/18-14, VI/30-425, VII/33-3, VII/83-4, VIII/14-527, VIII/32-25, VII/66-5, VIII/82-2, VIII/85-5, X/30-7, X/43-8, X/111-98 & 10, X/133-2, X/139-6, I/59-6, V/32-4, and V/83-9.
سام ويد : Sam ved Hymus
 II/3, VI/12, XIII/3, XIV/32, XVI/27,  ۽ اڌيا، XXXXI .
اٿر ويد: Athar Veda
Y21, 11/5  ۽ اڌياءَ  IV/24
رگ ويد موجب اندر (اندر ديوتا) جي اڳواڻي ۾ آرين فوجن جهنگ مان شهرن تي حملا ڪيا ۽ سنڌو ماٿري جي شهري علائقن کي تباهه ڪيو، رگ ويد جي سلوڪ VI-18-5, 1-103 -3, IV-16-13, VI – 34-4, III –126, 11-19-6, VI-20-7, II-20-8, IV-30-20, 1-33-12, 11-314 موجب اندر (ديوتا) سنڌو ماٿري جي شهري آبادي مٿان خطرناڪ دشمن ٿي ڪڙڪيو، هن لڙائي ۾ ميگهه بادشاهه وارائترا جيڪو سموري سپتا سنڌو تي راڄ ڪندو هو، تنهن کي اَسور ڄاڻائي شهيد ڪري ڇڏيو، سندن مذهبي ۽ علمي مواد، وغيره ناس ڪري ڇڏيا، تاريخي روايتن موجب ان جنگ ۾ ڪجهه ميگهه باشندن سنڌو ماٿري جي ڏورانهن ۽ جابلو علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي، ڪي گجرات، ڪي ڪشمير، ڪي پنجاب ڪي ڏکڻ هندستان تي ڪي اتر هندستان جي جهنگلي ۽ جابلو علائقن ۾ وڃي لڪيا. سنڌو ماٿري جي اصل رهواسين ۽ حمله آور آرين ۾ جيڪي خون خوار جنگيون ٿيون تن جو ذڪر ويدن کانسواءِ ٻين عالمي تاريخدانن به تصديق ڪئي آهي، جن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي ڪتاب ”ڊسڪوري آف انڊيا“ والميڪي رامائڻ جي يُڌ ڪانڊ جي اڌيا مبر 30 ۾، روسي تاريخدان ايف ڪورو وڪن پنهنجي ڪتاب “The Book Of Ancient world” جي صفحي نمبر81، تي تاريخدان ڪي سي مشرا پنهنجي ڪتاب Tribes in Maha Rashtra جي صفحي 383، 388 تائين شامل آهن.
تاريخدانن موجب اصلي سنڌي باشدن جو بادشاهه ورائترا دهريت پسند ۽ اصول پسند ۽ حقيقت پسند شخصيت هو پر، آرين قبضي کانپوءِ علائقي هندوتوا کي جنم ڏنو.
زير ذڪر اهم مضمون جي هڪ ليکڪ موجب رگ ويد کي سڀ کان پهرين وجيا ناگرا ماهري ڪرشنا چوڏهين صدي عيسوي ۾ مشهور ودوان برهمڻ سايان جي سربراهي ۾ ايڊٽ ڪرائي ظاهر ڪيو جنهن ۾ هن ڪيتريون تبديليون آنديون، تنهن هوندي پڻ انهن آرين خود مڃيو آهي ته داس ۽ داسو ماڻهو اسان کان مختلف هئا، دشمن هئا، انڪري اسان اندر ديوتا (آريه) کي عرض ڪريون ٿا ته انهن دشمنن جو خاتمو آڻي، انهن ماڻهن کي ختم ڪري، اهڙا ٻول رگ ويد جي سلوڪن IV-16-13, V-29-10, IX-4-1, VII-5-3, I-130-8, VII-6-3, VII-18-13, VII-18-9  ۽ V-32-8 وغيره ۾ موجود آهن.
آريه خونخوار قاتلن سنڌو ماٿري جي سمورن شهرن کي ساڙي تباهه ڪيو ۽ باشندن جو قتلام ڪيو.
تاريخ موجب جنگ 500 کان 600 سالن تائين هلي، رگ ويد جي سلوڪن موجب ان آخري جنگ ۾ (266000) ٻه لک 66 هزار باشندن کي قتل ڪيو ويو.
ميگهه قوم جا باشندا پنهنجا شهر ۽ وسندڙ علائقا ڇڏي چڪا، پر اهي علائقا جتي آريا سامراج نه پهتو، اتي سندن راڄ ڪئين صديون پوءِ به قائم رهيو، جن ۾ ڏکڻ هندستان شامل آهي. جتي آريا اشوڪا جي دور يعني 269 – 232 ق. م ۾ داخل ٿيا، جڏهن ڪٽر آرين پنهنجي هندومت کي اسرندڙ ٻڌ مت ۽ جين مت جي وهڪري کان بچائڻ لاءِ ڏکڻ ڀارت تي ڪاهه ڪري ڏني، پراڻڪ تاريخ موجب ونڌيا جون حدون پارڪندڙ پهريون آريا رشي پلشٿا هو، جنهن هڪ اصل هندستاني قوم جي راجا وڌاربا جي نياڻي سان شادي ڪئي هئي.
موريا گهراڻي جي راڄ دوران ڪالنگا رياست تي ميگهه ونشي راجا جي حڪمراني هئي، اهي پاڻ کي مها ميگهه ونشي سڏائيندا هئا ڪالنگا جي بادشاهه کارويل، ميگهد جي راجا پُشيه مترا کي شڪست ڏئي پوري ڏکڻ هندستان (موجوده تامل نائڊو) تي حڪمراني قائم ڪئي، جيڪي جين ڌرم سان لاڳاپيل هئا. موريا خاندان جي حڪمراني قائم ٿيڻ ۽ وڃڻ کانپوءِ ميگهه ونشي راجائن ٻيهر اختياري ۽ آزادي ماڻي ورتي، چيڊي، واستا، متسيا، وغيره جا حڪمران ميگهه سڏيا ويندا هئا. گپتا حڪمراني جي شروع ۾ ڪوشمڀي به آزاد رياست هئي ۽ ميگهه ونشي ميگهراج ان جو حڪمران هو، جيڪو ٻڌ ازم جو پوئلڳ هو.
ساپتا سنڌو جا ميگهه پاڻ کي روحاني طاقتن سان نوازيل سمجهدا هئا، اهي شِوِ ۽ شيش نانگ جا پوڄاري هوندا هئا، ميگهه ونش کي هرڻاڪشپ، پهلاج (پهرلاد) ڀڳت، هنياڪشا، وروچنا جهڙن هستين جي حوالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. اهي انتهائي حقيقت پسند، اصول پرست ۽ ديانتدار هوندا هئا، منجهن ڀڳتي ڀاو عروج تي هوندو هو، جنهن ڪري هميشه شڪتي وان هئا، آرين مٿان غالب رهيا.
ڊاڪٽر موهن ٿونٽيا (پي ايڇ ڊي) پنهنجي ريسرچ دوران هڪ روايت جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته ايڪال شرنگي نالي ڪو رشي هو، جنهن جي مٿي تي هڪ سڱ به هو، سو ڊگهي تپسيا ۾ ويهي سماڌي اختيار ڪري ورتي. جڏهن علائقي ۾ برسات پئي ته سندس سماڌي ۾ رخنو پئجي ويو، جنهن ڪري هن ٻارهن ئي (12) ميگهن کي قابو ۾ آڻي پنهنجي سڱ سان ٻڌي ٻيهر سماڌي ۾ ويهي رهيو.
ڪو عرصو گذري ويو پر برسات نه پئي ۽ ڌرتي تي ڏڪار پئجي ويو، انسان ۽ جانور اڃ وگهي مرڻ لڳا، کاڌو کاڄ کٽي ويو، ديوي ديوتائون ۽ انسان گڏجي شِو ڀڳوان وٽ ويا ته دخل اندازي ڪري 12 ميگهن کي آزاد ڪرائي، شِو ڀڳوان سندن عرض مڃيو ۽ پاڻ انهن سان گڏجي هڪ غريب ڪالوني پهتو، جتي هڪ جهوپڙي ۾ ميگهه ڌارو جيڪو وقت جي ميگهه رشي جو پٽ هو، ۽ پنهنجي زال ۽ نياڻي سان جهوپڙي ۾ رهيو پئي. ڀڳوان شو جي ميگهه ڌارو کي گڏ وٺي ايڪال شرنگي وٽ پهتو ۽ چيائين ته تون پنهنجي پيرن هيٺان مٽي کڻي ايڪال شرنگي جي سڱ تي اڇل، ميگهه ڌارو جو ائين ڪيو ته ايڪال جو سڱ ٽٽي پيو ۽ 12 ئي ميگهه آزاد ٿي آسمان ۾ هليا ويا، جنهن بعد برسات وسڻ شروع ٿي ۽ ڏڪار ختم ٿيو، پر غصي ۾ آيل رشي ايڪال شرنگي سڄي ميگهه ونش کي سراپ ڏنو ته اڄ کانپوءِ اوهان جو ٺڪاڻو جهنگل ۾ هوندو ۽ ڏولاوا ڏسندئو پر ڪل يگ ۾ هڪ مها پرش جنم وٺندو، جيڪو سڀ ڏولاوا لاهي ڇڏيندو ۽ ميگهه ونش ٻيهر سکيو ستابو ۽ اصل حيثيت ۾ بحال ٿيندو، جنهن بعد ميگهه ونسي پوئتي پئجي ويا، دربدر ٿي ويا، درٻارن مان جهنگ ۾ پهچي، وڇڙي ڀٽڪي ويا.
هڪ ٻي ڪهاڻي موجب 1235ع ۾ جهوناڳڙهه جي بادشاهه ناوگان کي ڪنهن جوتشي اڳ ڪٿي ڪندي ٻڌايو ته تنهنجي ملڪ ۾ 12 سال ڊگهو ڏڪار اچي ويو آهي، ان ڪري راجا لام ناوگان ڏيهه جو سمورو اناج ۽ پاڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن ماڻهو کي ڪنهن تلاءُ تان پاڻي ڀرڻ جي اجازت نه هئي، هڪ ڏينهن گرو مامئي ديو جو غريب ڪالوني ۾ ترسڻ ٿيو، جتي ماڻهن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ راجا راءِ ناوگان وٽ هلي ويو ۽ چيائين ته تنهنجي ملڪ ۾ ڪو ڏڪار پوڻ وارو ناهي، تون ان پاڻي ماڻهن جي حوالي ڪر، پر راجا مٿس اعتبار نه ڪيو، نتيجي ۾ مامئي ديو گرنار جي جبل تي ڳوٺ ڌانڌو ڀرسان ٽڪري تي ويهي تپسيا شروع ڪئي ۽ هڪ منفرد سريلي آواز سان ميگهه جا سلوڪ ڳائڻ لڳو ته ڪجهه عرصي بعد جهوناڳڙهه تي مينهن جو مانڊاڻ ٺهي ويو، ۽ تيز برسات شروع ٿي جيڪا ٽي ڏينهن لاڳيتو پوندي رهي، آخرڪار شهر ٻڏڻ لڳو ته راجا راءِ ناوگان اتان اچي نڪتو ۽ مامئي ديو (ميگهواڙ) کي اپيل ڪئي ته مينهن بند ڪري، مامئي ديو صاحب ٻڌايو ته پاڻي جڏهن منهنجي ڏاڙهي پسائيندو تڏهن مينهن بند ٿيندو، ايتري ۾ هڪ ڀڳت پاڻي جو برتن ڀري ان ۾ مامئي ديو صاحب جي ڏاڙهي پسائي ته مينهن بند ٿي ويو. ڊاڪٽر موهن لال ٿونٽيا جي کوجنا موجب مامئي ديو بارمتي پنٿ جي بانگي ماتنگ ديو (ميگهواڙ) جو پوٽو هو، ماتئي ديو جو پٽ هو، ۽ معتقد ڌرين جو مڃڻ آهي ته رشي ايڪال شرنگي پاران ڄاڻايل مها پرش اهو ماتنگ ديو آهي، جنهن بارمتي ڌرمي پنٿ جو بنياد رکيو ۽ ڌرم جي رکشيا ڪندي، پنهنجي پوئلڳ ٺٽو جي راجائي جئياني ابڙو سومرو سان گڏ جنگ ۾ حيدر خان پاشا هٿان شهيد ٿي ويو، سندس مقبرو هن وقت ڏيپلو تعلقو جي ڳوٺ سيهڻي ويجهو قائم آهي جتي هر سال ويساک مهيني آکا ٽيج تي ميلو لڳندو آهي، بعد ۾ ماتنگ ديو جي پٽ لوننگ حيدر خان کي ماريو، ماتنگ ديو جي چئن پٽن مان ماتائي ديو کي مامئي ديو پٽ هو، جيڪو انتهائي اعليٰ پايي جو سنت هو، جنهن جون اڳ ڪٿيون ثابت ٿيون آهن، جن ۾ اڄ سائنس جي ترقي، ملڪن جا وجود، انٽرنيٽ جهڙيون اڳڪٿيون به شامل آهن، مامئي ديوي مڪلي ٺٽو ۾ رهندو هو ۽ سندس مزار به اتي ئي آهي، مامئي ديو کي 6 پٽ هئا، جيڪي پڻ اعليٰ پايي جا سنت يا ولي هئا ۽ سندن اڳڪٿيون اڄ به ثابت ٿي رهيون آهن، کين مڪلي ۾ وقت جي حڪمرانن شهيد ڪرائي ڇڏيو پر سندن ڌرمي پنٿ بارمتي پنٿ اڄ به زنده آهي، ميگهه ونش ۾ مهاپرسن جي کوٽ ناهي رهي، جن ۾ ڪبير ڀڳت، ڀڳت روي داس، نام ديو، راجا بالي، ماهيو ميگهواڙ، راماپير ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا آهن. سنڌ ۾ پير پٿورو کي به ميگهه ونشي پوڄا ڪندا آهن.
آرين سان جنگين کانپوءِ ميگهه ونشي برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ۽ ڪوري يعني ڪپڙو ٺاهڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو بعد ۾ چمڙو، رازڪو، واڍڪو، هر قسم جو پورهيو ڪندا رهيا آهن. هن وقت به ڪشمير، پنجاب، سنڌ، گجرات کان وٺي تامل نائڊو ۽ ڪيرالا تائين آباد آهن، جتي کين ڌنڌي يا ٻولي جي لحاظ کان ڪٿي ميگهواڙ، ڪٿي ميگهوال، ڪٿي ڀڳت، ڪٿي چمار، ڪٿي ڍيڍ، ڪٿي ميد، ڪٿي ميگهه ڪٿي ساڌ، ڪٿي رکيو، ڪٿي رکيشور جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهي هاڻي دنيا جي هڪ اسرندڙ جاتي بڻجي چڪا آهن، پر هن قبيلي تي اڃا گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي.
مٿي ڄاڻايل معلومات جي تصديق لاءِ انٽرنيٽ جي هيٺ ڄاڻايل سائيٽس تي وزٽ ڪري سگهو ٿا.
http:meghhistory.blogspot.com/2010/08/history-of-meghsamaj.html
Google – Paper of Mohan Thontia.

سارنگرام ڪاجهروي
ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر

ميرپورخاص

0 comments:

Post a Comment