Writer:Goman Mal Rathore




هريو جاگو جو اچڻ
۽ ڳوٺ هريار جو مڏجڻ


17 عيسوي صدي جي ڳالهه آهي نالي مالهڻ جي ڀاءُ جاگو جو پوٽو نالي ڏيپار جي جنهن کي 3 پٽ نالي اڻند، هريو، ۽ رام جاگو ۽ هڪ ڌي ويرو هئا، جيڪي ضلع جيسلمير انڊيا ۾ رهندا هئا، اڻند ۽ هريو جي پاڻ ۾ راڄ جي حصي تان ڻبڻبت ٿي ۽ اڻند پنهنجي ڀاءُ هريو کي تعنو ڏنو ته هي راڄ منهنجو آهي، تون پنهنجي کٽي راڄ ٺاهي رهو، جنهن تي هريو نراس ٿي جانرو ڳوٺ ۾ وڃي مالهڻ جي جو جاپ ڪيو، آخر مالهڻ پرسن ٿي ۽ پڇيو ته ڇا کپي، هريو چيو ته مون کي راڄ کپي، جنهن تي شڪتي وچن ڏنو ته ڏينهن جو مالهاڙي ۽ رات جو ڪوچري ڀيرٻ جي روپ ۾ هوندس، جتي وڻي هل، پوءِ هريو جاگو، رام جاگو، ڀيڻ ويرو ۽ گهر ڀاتي ۽ ٻيا واسطيدار گڏجي مينهون گڏ وٺي جانرو ڇڏي مختلف هنڌن تان ٿيندا کاريو غلام شاهه ضلع ٿرپارڪر ڀرسان رهڻ لڳا، هريو جاگو ابيار مينهن جو کير پيندو هو ۽ ان نه کائيندو هو، ڪرامت اها هئي جو مينهون اڳيان سائو گاهه کائينديون هيون ۽ پويان سڪل هوندو هو، پاڻي تلاءِ ۾ پلر پيئنديون هيون، ان دور ۾ 7 سال ڏڪار پيو، امرڪوٽ راڻا اوتار جو راڄ هو، ڏڪارن جي ڪري رعيت جانور پکي پکڻ بک ۾ بدحال ۽ تنگ ٿي ويا. راڻو اوتار کي خبر پئي ته فقير هريو جون مينهون سائو گاهه چرن ٿيون ۽ پلر پاڻي پيئن ٿيون. راڻو اوتار پنهنجي ماڻهن کي ان فقير هريو کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. ماڻهو هريو وٽ ويا ۽ امرڪوٽ هلڻ لاءِ چيو، جنهن تي هريو جاگو چيو ته توهان هلو، آئون پاڻ پهچي ويندس، انهن ماڻهن وڃي راڻو اوتار سان اها ڳالهه ڪئي، جنهن تي ناراض ٿي چيو ته اُٺن تي فقير کي ٻڌي کڻي اچو، جو وري اتي ماڻهو ويا ۽ راڻو اوتار جو سخت حڪم هلڻ لاءِس ڏنو جنهن تي فقير چيو ته اُٺ ويهاريو، جنهن تي ڪاري لوئي رکي، اٺن کي اٿارياجو هيٺ جوڻيون ويهي رهيون ۽ چيو ته لوئي سان اُٺ نه ٿا اُٿن ته فقير کي ڪٿي ٿا کڻي سگهن، ماڻهن معافي ورتي ۽ هليا ويا هريو جاگو انهن کان اڳ امرڪوٽ جتي هن وقت بس اسٽينڊ جي اتر پاسي هيٺ وڏو گرائونڊ آهي، اهو لانٻو چيو ويندو هو، اتي ڌوڻي هڻي ويٺو ۽ اچي برسات پئي جو ماڻهو برسات مان تنگ ٿي ويا، ۽ نيٺ راڻو اوتار ماڻهو موڪلي فقير کان برسات بند ڪرائي ۽ پاڻ کي درٻار ۾ گهرائي چيو ته تو اسان تي ڏڪار جو ڏانجهو لاٿو ۽ برسات وسائي آهي، جيڪو گهرڻو هجي سا گهر، هريو ڀوپو چيو ته مون کي ٻيو ڪجهه نٿو کپي، راڄ  کپي، جيڪو امرڪوٽ جي ڀرپاسي راڄ لاءِ چيو ويو، جنهن تي هريو چيو ته منهنجا فقير هوندا  توهان جا ڏاڏا هوندا، جن کي نه سهندا، راڻو اوتار گهوڙو ڏنو، ۽ چيو ته ڦري جتي وڻي راڄ ٺاهه، جو گهوڙو صبح کان شام تائين ڊوڙيو، جو 12 ميل هم چورس سفر ڪيو، جو اها ٿي هريو جاگو جي کٽي، جتي هريو جاگو جي نالي تي ڳوٺ هريار مڏاڻو ۽ هريو جاگو پنهنجي ماڻهن کي ويهاري راڄ وسايو، جوگو ذات نالي لاکو ۽ هرچند 17 صدي ۾ هريو سان گڏ هريار ۾ آيا هن وقت ڳوٺ هريار ۾ ٺڪرن ۾ جاگو، مهر، ميگهواڙن ۾ (جوگو، ٻڙهيو، پڙهيار، ڳنڍير، جئپال، جهيرٽ) نائي، مڱڻهار، ڀيل، ڪولهي، رهن ٿا.
شري مالهڻ جو ٿان ٿپجڻ:
ڳوٺ هريار مڏجي ويو هريو جاگو کي مالهڻ پرسن ٿي ته جتي شينهن جي ليٽار ڏسين اُتي منهنجو ٿان ٿپائجان، جو هن وقت جتي چونرو ٺهيل آهي، اتي شينهن جي ليٽ ڏسڻ تي ٿاپنا ڪئي، جتي مالهڻ جون پتليون رکيل آهن. ۽ ٻي ليٽ شينهن جي اُتي ڏٺي، جتي چيلهار مٺي روڊ جي اولهه پاسي مالهڻ جو مندر ٺهل آهي، اُتي ڪچو کڏ اوڏن کان ٺهرايو ويو، هريو جاگو اوڏن کي چيو ته مزدوري ملندي، توهان جي کائڻ لاءِ ڪرهي ۾ سنگ آهن، جو ڪک جي اندران هٿ سان ڪڍڻا آهن نه کٽندا جو کائيندا رهيا نه کٽا وري هريو جي ڀيڻ ويرو چيو ته تنهنجا سگ نه کٽندا ته ويرو جي وهاڙي يعني گيهه جي لوٽي نه کٽندي، جو ويرو به گيهه کارائيندي رهي ۽ نه کٽو، مالهڻ جو ٿان 1754 سنبت ٺهي تيار ٿيو ۽ پوڄاري وڏي جوش ۽ جذبو سان اچڻ لڳا، پوڄارين جون منوڪامنائون پوريون ٿيڻ لڳيون، جو هرسال ماگهه مهيني ۾ چوڏس جو ميلو لڳندو آهي، جتي هزارين ياتري ايندا آهن ۽ دل جون اُميدون پوريون ڪري ويندا آهن.

هريو ڀوپو جو پرلوڪ پڌارڻ:
ڳوٺ هريار مڏجي ويو، مالهڻ جو ٿان تپجي ويو، هريو  جاگو، امرڪوٽ ۾ راڻا وتار وٽ مهمان ٿي ويو، جو هريو جي پيئڻ لاءِ بورچي کان کير ڪاڙهيو، جنهن ۾ بورچي چانور وڌا، جو هريو جاگو کير پيتو ته خبر پيئي ته ان ۾ اناج آهي ۽ چيو ته مونسان دوکو ٿيو آهي، چانورن وارو کير پيئڻ سان اتي ئي فوت ٿي ويو، جو امرڪوٽ لانٻو ۾ ڏهرو جوڙايو ويو ۽ ڳوٺ هريار ۾ هراٻو ترائي جي اُتر پاسي پڻ هريو جاگو جو ڏهرو ٺهيل آهي.
هرياڻي هريو هوئو، امراڻي اوتار، ڏونون گهر برابر
پرٿمي موٽا پرمار، پرٿمي پرماران تڻي ڄاڻان اجونڻي ڌار
جويو سگهڙو وس سنسار، سوڍي نان سم وڙي.


رام جاگو جو ڪوفي مان نڪرڻ:
چوندا آهن ته رام جاگو جي پٺن ۾ ڳنڍ افونٽي ٿي پيئي، بيمار ٿي پيو ۽ ڪافي علاج بعد ڪڪڙ جو گوشٽ ٻڌڻ سان رام جاگو ٺيڪ ٿيو، جڏهن هن کي ڪڪڙ جي گوشت جي بڌڻ سان فائدو ٿيڻ جي خبر پئي، تڏهن چيو ته هاڻ آئون توهان جي ڪوفي مان نڪري ويو آهيان، جو مسلمان ٿيو، جنهن جو رسمي طور تي نالو علي شير رکيو ويو، ليڪن اڄ به نالو رام جاگو سڏجي ٿو، ٻين هنڌن تي پڻ مسلمان جاگا رامجاگو مان آهن، رام جاگو جي فوت بعد اڄ به سامارو ۽ ڍينگاڻ ڀرڳڙي لڳ رام جاگو جي نالي تي ميلو لڳندو آهي.
باءِ آنٻو ڀوپو، گرڌاري لال سوٽهڙ، آنٻو ڪاريندو ۽ ڊاڪٽر موهن لال، نيٽ تان ورتل
***





0 comments:

Post a Comment