Writer:Goman Mal Rathore

ارپنا

            آئون هي ڪتاب جوگو ونس اتهاس پنهنجي ذات جوڳو   پنهنجي پتا سنت تيجارام، ماتا آنٻو ٻائي ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ، مومل جي نالي ارپڻ ڪريان ٿو.اُميد ته ٻين ڀائرن ۾ پِڻ انهي قسم جو شعور پيدا ٿيندو.
منهنجي سوچ: پرماتما يا ايشور جنهن جا انيڪ نالا آهن. جنهن تي وشواس ڪري ان جي مخلوقات جو قدر ڪجي انسانذات سان محبت ڪجي دين، ڌرم جي اصولن تي هلڻ کپي جنهن سان ڀگوان جو سئون رستو ملي سگھي ٿو. هر انسان ڪرمن جي انوسارن تحت پيدا ٿئي ٿو. جنهن کي ڏک ۽ سک ملن ٿا ته ڪرمن ۾ ڪِٽي پار پوڻو آهي. ڪال، ڪروڌ لوڀ، لالچ، تڪبر، وڏائي ٺڳي، دوکو ساڙ حسد، ڪينو، ڪُپت بدنيتي کان پاسو ڪجي. ڏک ۽ سک ملڻ تي اِرهو ۽ سِرهو نه ٿجي ڪنهن جي دل کي نه ڏکوئجي. نيڪ نيتي رکجي سادگي سان هلي انسانيت جا سُٺا خيال رکجن. هر بُرائي کان پاسو ڪجي ڀلائي ۽ سچ جا ساٿي ٿيو. ڏکئي وقت تي همت نه هارجي حوصلا بُلند ڪري اُن جي حل لاءِ سوچيو. مت ڀيد نه رکو هر ڪم نيڪ نيتي ۽ پڪي ارادي سان ڪريو. مات پتا جي شيوا ڪريو. ڪنهن سان نفرت نه ڪريو. فرضن جي مڪمل ادائگي ڪريو ڪرمن جي انوسار تحت جيڪي به ڏک سک ، فائدو نقصان، عزت ذلت ملڻي آهي اُها توهان جي  ڪرمن جي انوسار تحت ملي سگھي ٿي.
دُعائن ۾   
گومن مل راٺوڙ ولد سنت تيجارام

ڳوٺ: هريار تعلقه مٺي      

0 comments:

Post a Comment