جوڳو وستار جو هڪ پس منظر
ڏند ڪٿائن، وڏڙن ۽ ڀاٽن
کان مليل معلومات موجب ميگهواڙن جي قبيلي مان هڪ خاندان جوڳو آهي، جنهن جو مليل
ذڪر هن ريت آهي. ذات جوڳو، نک راٺوڙ اصل رهاڪو مارواڙ، قنوج، هندستان سان لاڳاپيل
رهيا آهن. ذات جوڳو جو وستار هندستان جي اتر قنوج جي راجا راءِ رڌ راٺوڙ سان ملي
ٿو، وستار هن ريت مليل آهي، استاد پورو مل کان مليل معلومات موجب راءِ رڌ راٺوڙ جو
سنتان ڪمل ڌج، ڌڙ ڌج سيترام، شيهوجي، استان جي، جوسپا، (جوڳو، ٻڙهيو، ڌڻ ڏيو
جوگل)، جوگو، جگڌير، جئسنگهه، پشتي پين، ڀوجل، ڀوپال، جشپال، لاکو، هرچند، هتي اچي
سڀ جوگو هريار ۾ ملن ٿا، پوءِ مختلف ڳوٺن ۾ ويا، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ کان پنهنجي
خاندان جي ڏنل معلومات موجب: ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ولد چانپارام، هيمون، منجي،
ڪيسو، پورو، توگو، ڪمون، ليلو، هرڏان، جئمل، بجو (هريار کان بجاڙو ويو) ٻڌو،
ناهرو، راشو، گووند، سومون، هرچند، لاکو، هتي سڀ جوگو ملن ٿا.
گومن مل کان مليل
معلومات موجب: گومن مل (گووند) ولد ڀڳت تيجارام، ڪاڇٻو، مالو، ڏانو، ٻيجل، پاتو،
پدمو، ڀيئون، جوڌو، ڪرمسي، ٺاڪرو، ڪمون، ٽوهه، اچيت، (اجيم) هرچند، لاکو سان مل
ٿا.
نوٽ: جيئن معلومات ملي آهي، اها ان جي خاندان
جي اڳيان ڏيکاريل آهي، ڪافي خاندان اهڙا آهن،
جن کي پنهنجي ڏاڏي کان مٿي خبر نه آهي، ته ڪهڙي خاندان ۾ آهيون، ته ان کي ان حساب
سان لکيا آهن. وڌيڪ مليل معلومات موجب:
راٺوڙ: راٺ علائقي جا رهواسي راٺوڙ سڏجن
ٿا. ايوڌيا جي راجا رامچندر جي خاندان ۾
راجا سنتر کان راٺوڙن جي نک پيئي ۽ پوءِ راٺ علائقي ۾ رهندڙ پاڻ کي راٺوڙ سڏائڻ
لڳا.
جوڳو: جوپسا راٺوڙ جو پٽ جوڳو هو، جوڳو جي
نالي پويان ذات جوڳو پئي، جوگو جو گوتر، ٻڙهيو، ذات آهي، جوگو ۽ ٻڙهيو هڪ ئي
خاندان ۾ ملن ٿا.
گوت يا گوتر: گوتر معنيٰ آهي گڏ رهڻ، چوندا آهن
ته اهڙو زمانو هو جو لڳاتار ڏڪار هئا، بک ۽ بدحالي گهڻي هئي، راجا مهاراج ڪجهه ٻين پهچ وارن ماڻهن جي رهڻ لاءِ ماڙيون
محلاتون ۽ اجها هوندا هئا، ٻيا ماڻهو خانه بدوش جهنگ ۾ زندگي گذاريندا هئا، بک ۽
بدحال جي ڪري ماڻهو پيا بک مرندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي پيا ماريندا ۽ لٽندا هئا، هن وقت
جي راجا اهو اعلان ڪيو ته لوڙها يا ديوارون ٺاهي گڏجي رهو ته تحفظ ٿي سگهي. ان
ڏکئي وقت ۾ جيڪي گڏ رهيا، جن وعده وچن ڪيا ته هڪٻئي ۾ شاديون نه ڪنداسون، جيڪي گڏ
رهيا، ته ان وقت کان گوتر سسٽم ٺهيو، جيڪو اڄ تائين گوتر جو رواج هليو پيو اچي ۽
هڪ ٻئي مان شادي نه ڪندا آهن، جيڪي گڏ رهيا، اهي هڪٻئي جا گوتري ٿيا.
ميگهوال يا
ميگهواڙ:- هن جو
مطلب آهي ته ميگهه معنيٰ برسات وارو + وارڻ وارو يعني برسات وارڻ وارو جو اهڙا
مثالن ماهيو ميگهوال ۽ ٻين کان ملن ٿا، جنهن راجا جئسنگهه جي دور ۾ 7 سال ڏڪار جو
ڏانجهو لاٿو ۽ برسات وسائي.
ميگهه
ونس: ميگهه رشي جي سنتان کي ميگهه ونس چيو ويندو آهي. ميگهه ونس ۾ اصل ذاتيون
رانگي، ڏانگي، ماتنگي ۽ آوڏرو آهن، جو رشين جو سنتان آهن، جن جي دعا پٽ هلندي آهي،
۽ سناتن ڌرم ۾ ڪوبه ڪم رکيو کان سواءِ سُڌ
نه ٿيندو آهي، چوندا آهن، ته رکيو جُگا جُگ آگيواڻ، اهي اصل رکيا هتي گهٽ
ملن ٿا، انڊيا ۽ ٻين هنڌن ۾ ملندا.
جوڳو ميگهه ونس ۾
ڪڏهن آيو: ناگڏان
ڀاٽ کان مليل معلومات موجب سال 1515 سنبت ۾ جوپسا راٺوڙ جي خاندان مان ڪو شڪار تي ويو، جهنگ ۾ پاڻي کٽي
ويو، پاڻي جي ڳولا ڪندي، جهنگ ۾ هڪ جهوپڙي ۾ پيل دلو مان پاڻي پيتو، پوءِ پڇا ڪئي،
جنهن تي خبر پئي ته اها ذات جئپال ميگهواڙ جو مٽڪو آهي، اهوٻڌي جوڳو خاندان راٺوڙن
مان وٽلان ڪري ميگهواڙن ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
سناتن ڌرم ۾ برهمڻ،
منوسمرتي قانون تحت برهمڻ، کتري ۽ وئش، ڪن حالتن ۾ وٽلائي نڪرندا هئا، ته شوڌر ورڻ
۾ پناهه ملندي هئي، خاص ڪري هن وقت ميگهه ونس
جا ماڻهو، برهمڻ، کتري، وئش ورڻ مان وٽلا ٿيا، جيڪي ميگهه ونس جي گودڙي ۾ آيا، خاص
ڪري مهراج فرسرام 21 بار کترين تي فرسي هلائي، ان وقت کتري ميگهه ونس ۾ مليا.
ونس: ٽوٽل 36 آهن، 10 سورج، 10 چندر، 12 مني رشي، 14
اگني ونسي
جوڳو ٿر ۾ ڪڏهن آيا:
ڀاٽ ناگڏان ديالداس ۽ ٻين ڀاٽن کان مليل معلومات
موجب 1617ع عيسوي ۾ لاکو سندس پٽ هرچند جوڳو وارا اتر قنوج ماروئاڙ کان کاروڙو
چارڻ امرڪوٽ لڳ کان سينهوئي ارنرو، ڪونڀاري، کاريو غلام شاهه کان جاگو هريو ٺڪر
سان گڏ مالهڻ ديوي جي ديا سان اچي هريار وسائي، پوءِ مختلف ڳوٺن ۾ جوگو پکڙيا،
نالي بجو جوگو جنهن جي نالي اڄ به هريار ڀرسان بجڙ مڙهو کيتر آهي، اتي بجو ۽ هڪ
ڪاڙيندو ڀيل گڏجي هڪ جاگو ٺڪر کي اُٺ جي ڀيل تان قتل ڪيو، جو بجو جوگو نيو ڇوڙ ۾
فقير عيسب وٽ پناهه ورتي، جنهن جو خون ٺڪرن کان معاف ڪرايو، ۽ بجو جوڳو جنهن 7
پيڙهين تائين عيسب فقيرکي پوجڻ لاءِ وعدو ڪيو، عيسب فقير دعا ڏني ته توهان مان لک
ٿيندا، جو اڄ بجو خاندان ۾ بجاڙو ڀاڏاسندو، کيمون پار، چاڙهيار، ڏانڀاريو ۽ ٻيا
وڏا ڳوٺ آهن، جيڪي عيسب کي مڃيندا آهن.




0 comments:
Post a Comment