پنهنجي پاران
انسان جيڪو هن دنيا ۾
پيدا ٿئي ٿو اهو پنهنجي زندگي ۾ ڪونه ڪو مقصد رکندو آهي، اهو ٿيندو، ايئن آهي،
جيئن ڀڳوان ان جي ڪرم ۾ لکندو آهي، جيڪو پرائي ٿو اهو اڳتي هلي ٻين کي منتقل ڪري
ٿو. مون کي بچپن ۾ اهو شوق هوندو هو ته وڏو ٿي اول پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪندس،
برادري ۽ ٻين لاءِ وس آهر بهتر ڪم ڪندس، انسان ڪجهه مائٽن جي ڪرڻي ۽ ڪجهه ماحول جي
حساب سان پرائيندو آهي، مائٽن جي مهرباني سان تعليم پرائي بيروزگاري جي عرصي ۾ ايم
سي او رامون مل ساماڻي، ڳوٺ ڀڳيسل، ايم سي او رامون مل ڪيساڻي ڳوٺ هريار ۽ ڊاڪٽر کيمچند
هريار واسي مون کي سٺو ساٿ ڏنو. پر سگهوئي پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيس،
جيڪا اسان جي سماجي ۽ معاشي حيثيت سان هڪ وڏي غنيمت هئي، جيمس آباد ٿاڻي تي ڪافي
وقت ننڍو منشي ٿي رهيس، جتي ماءُ پيءُ جي شيوا ڪرڻ جو سٺو موقعو مليو، مون پنهنجي
وس آهر ماءُ پيءُ جي دلين کي خوش رکيو، جو انهن جي دعائن پڻ مون لاءِ سٺو رنگ
لاٿو، نوڪري دوران مون پنهنجي تعليم جاري رکندي ايم اي، ۽ ايل ايل بي جا امتحان
پاس ڪيا، بابا صاحب سال 2000ع ۾ فوت ٿي ويا، جو ڳوٺ هريار ۾ بابا تي هڪ وڏو مندر
سمان ڏهرو ٺهرايو، ان جي لاءِ جو ٻين کي به پنهنجي والدين جي ياد لاءِ نشاني
ٺهرائڻ جو احساس ٿئي، جو اهو ڳوٺ ۾ رواج پئجي ويو ۽ پڻ شڪتي مالهڻ ديوي جو ڳوٺ ۾
پڪو مندر ٺهرايو، اڳ ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ پڪي سِر جي اڏاوت جو رواج نه هو، ۽ چوڻ هو ته
شڪتي جي منع هئي، پر ڳوٺ ۾ پڪو مندر ٺهرائي پهريون مثال قائم ڪيو، ان وقت مون شڪتي
مالهڻ ديوي تي وشواس ڪري مڃتا ڪئي، ته شڪتي سڏ ڏي ته آئون وڏو آفيسر ٿي وڃان، جو
ٿوري وقت ۾ آئون هيڊ ڪانسٽيبل مان آفيسر ٻحيثيت پي ايس آءِ ٿي ويس، اهو مليو مون
کي مالهڻ ديوي جو پرچو، اسان جي ڳوٺ ۾ ٺُڪر، نائي، ميگهواڙ، ڀيل، مڱڻهار، ڪولهي، ڪنڀر
۽ گرڙا رهن ٿا، جن ۽ ٻين جو شڪتي مالهڻ ديوي تي مڪمل وشواس آهي، مطلب ته ڀڳوان
کانپوءِ هن ڳوٺ جي اڏجڻ آباد رهڻ ايڪتا ۾ هجڻ جو وسيلو ماتا مالهڻ ديوي جي ٿان،
مندر کي سمجهيو وڃي ٿو.
ان کانپوءِ وري مون کي
اهو خيال آيو ته اڃا به اهڙو ڪم ڪجي جو تاريخي مثال رهي، پوءِ مون کي اها ويچار ۾
آيو ته پنهنجي ذات جوگو ميگهواڙ جن جي اُٿياڪ ڳوٺ هريار کان آهي، جن جي تاريخ لکجي
پوءِ مون باقاعدگي سان پنهنجي ذات جوڳو جو شجرو لکڻ شروع ڪيو. جوڳو برادري جي ڳوٺن
۾ ويس، ڪٿي بسن ۾ ڪٿي ٽئڪسين ۾ ڪٿي بسن جي ڇتن تي ڪٿي موٽر سائيڪل تي ته ڪٿي پيرين
پيادو وڃي ڪٿي فون تي رابطا ڪري ميگهواڙ ۽
جوڳو ونس جي تاريخ لکي. مون کي پنهنجي ذات جوڳو ۽ ٻين کان تاريخ لکڻ لاءِ سٺو سهڪار
مليو. جن ۾ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ، سارنگرام ڪاجهروي، مينڌرو ڪاجهروي (ڳوٺ لالو
وهنداڻي) موهن لال (ڊگهڙي)، نيٻو واڍو (ڳوٺ سونل ٻهه)، ماستر پورو مل (هريار)،
ساجن داس جوگلار، راول (ڳوٺ گوڙهيار)، سگرام (هريار) ڏهيسر، جئرام داس اٻوجها،
لوڻو مل ڳوٺ 12 ميل، ماستر شيوڪ (ڳوٺ گانگاڻ)، ايڊووڪيٽ سريش (ڳوٺ گوڙهيار، ماستر ڀارو مل (ڳوٺ ڀاڏاسندو)، ماستر هنسو مل
(ڳوٺ بجاڙو)، ماستر ڪيولرام (شهر لانڍي)، منوهر لال (ڳوٺ محسن ڏگو)، ماستر
گهنشامداس (ڳوٺ مسڻ وڏي)، ماستر پدو مل (ڳوٺ ٻورلي)، ڪونڀو مل، ماستر پريتم داس، ڪاڪو چيلو، ڪاڪو بارٿو، ڪانجي
ڪاڳيو، گيان (ڳوٺ ساهو ساند)، ڏيوجي (ڳوٺ کيمي جو پار)، رڻڇو اي ايس آءِ، ماستر
ڀڳوانداس (ڳوٺ مٺڙيو)، سروڻ، کيتو، موٽو مل، ڳوٺ ڀاڏاري، رانجهو مل راٺوڙ، ڪيلاش
ڳوٺ ڳوڙهيار، ۽ ٻين طرفان سٺو سهڪار مليو.
انهي دوران مون کي ڪافي
مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، منهنجي ڊيوٽي ايس پي آفيس مٺي ۾ بحيثيت پي ايس آءِ هئڻ
جي ڪري فارغ ٽائيم گهٽ ملندو هو، ليڪن جناب ايس پي صاحب مسٽر عاشق علي بوزدار ۽
آفيس اسٽاف انسپيڪٽر ڀورو مل کتري، اي ايس آءِ واشديو ولاسائي، اي ايس آءِ علي بخش
خاصخيلي، اي ايس آءِ خوشي رام، اي ايس آءِ عبدالشڪور، مڱڻهار، هيڊ ڪلارڪ دولترام،
امام الدين راڄڙ، آنند ڪمار سوٽهڙ ريڊر، ڪانجي مل ڀيل، جيسو مل ڀيل، جمعدار سليمان
بجير، سپاهي منٺار بجير، مولابخش اوٺو، جالو مل آپريٽر، واشديو ميگهواڙ جي سهڪار
سان خاص ڪري موڪلن ۾ پنهنجي قيمتي وقت سيڙاهي ميگهواڙ ۽ جوگو برادري جي تاريخ لکي
جا اميد رکان ٿو ته اها تاريخ سئو سال کان مٿي زندهه رهي سگهي ٿي.
مسٽر اشوڪ ڪمار،
ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ پڻ هن ڪتاب ۾ مونسان سٺو سهڪار ڪيو آهي.
مون کي انساني سماج جي
وڏي پيماني تي خدمت ڪرڻ جو تجربو يا قوت نه هئي، پر اهو پڪو پهه ڪيو ته ميگهواڙ
برادري ۾ ذات جوڳو توڙي ٻين ذاتين ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ آئون هريار کان پکڙيل
جوڳو برادري جي سڀني ڀائرن جا تفصيل ۽ انهن جي وڏن جا شجرا گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾
آڻيان ته جيئن هر جوڳو ڀاءُ کي پتو پوي ته اصل ڪٿان اٿيا ۽ ڪٿي آهيون.
منهنجي انهي خيال کي
برادري ۽ سمجهدار ماڻهن وٽان همت افزائي ملي، محدود وسيلن ۽ ناتجريبڪاري جي ڪري هي
ڪم مون اڪيلي جي لاءِ وڏو هو، پر لڳاتار ۽ اڻ ورچ محنت جو نتيجو هي آهي جو ٿر توڙي
سنڌ ۽ ٻين هنڌن تي رهندڙ هر جوڳو ڀاءُ جو تفصيل ۽ شجرو توهان جي هٿ ۾ آهي، توڙي جو
دنيا ۾ لکجندڙ ڪتابن ۽ علم جي ڀيٽ ۾ هي ڪم هڪ واري ڪڻ جي برابر ڪونهي پر منهنجي
لاءِ انتهائي خوشي ۽ سوڀ ۽ باعث فخر آهي، نيڪ ڪم ۾ مون کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي
آفيسرن، ڀائرن ۽ دوستن جو هٿ آهي، مون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي نيڪ نيتي سان ڪيو آهي.
وڌيڪ آئون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ، سارنگرام، ڪمپوزس مينڌرو ڪاجهروي ۽ نيٻو واڍو جو
ٿورائتو رهندس، جن منهنجي انهيءَ ڪم ۾ لڳاتار حوصلاافزائي ڪئي آهي.
آخر ۾ آئون اهو چوندس
ته هن ڪم ۾ مون کي ڪا تڪليف نه ٿي آهي، مون پنهنجي ذات لاءِ فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جيڪا محنت ڪئي آهي، ان کان وڌيڪ عزت ملي آهي، ان ڪري آئون ٻين ذاتين وارن کي
عرض ڪندس ته پنهنجي پنهنجي قبيلي، ذات، برادري جا تفصيل گڏ ڪري ڇپرائين ته هڪ عظيم
تاريخ جڙي پوندي ۽ اهو تاريخ زنده نالو آهي، اهو به عرض ڪندس ته اهي هن ريت تفصيل گڏ
ڪري ڇپرائن ته اڳيان هلي اسان سڄي ميگهواڙ برادري جو هڪ مجموعو ڇپائي سگهون.
وڌيڪ لاءِ آئون ٻيو عرض
ڪندس ته مون جيڪو تفصيل ورتو آهي، اهو ڏند ڪٿائن، ڪتابن جي تاريخ، ڀاٽن ۽ سهڪار
ڪندڙ ڀائرن کان تفصيل ورتا آهن، جن ۾ ڪا غلطي ٿي هجي ته ان جي درستگي لاءِ رابطو
ڪن ته جيئن ٻي پرنٽ ۾ صحيح ڪري سگهجي.
دعائن جو طلبار
گومن
مل ولد ڀڳت تيجارام
پراسيڪيوٽر
سب انسپيڪٽر
ڳوٺ هريار
مهاڳ
هي ڪتاب ”جوڳو ونس اتهاس“
ٻن حصن تي ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ انسان جي ارتقا، ميگهواڙ قبيلو، نک راٺو، ذات جوڳو،
ماتا مالهڻ ديوي، ماتا ڏيول جي، عيسب فقير بابت مضمون آهن، ان کان علاوه مت ڀيد
ختم ڪرڻ، انسان جي ڪرمن جا انوسار، ڌرمي معلومات، ذاتيون، هندن جا خاص ڏينهن ۽ ٿر
ميلا جو پڻ ذڪر ڪيل آهي، جيڪو تمام مختصر ۽ جامع آهي. ٿورن لفظن ۾ ٻڌل مضمون پڙهڻ
سان نئي ماڻهو جو ذهن ڪافي اچرجي ايندو، ۽ مونجهارن مان ڇٽي پوندو. ميگهواڙ قبيلي
جي تاريخ بابت جيڪو گهڻو تڻو پراڻڪ تاريخ، ڏند ڪٿائن، واڻي وغيره جي ڄاڻ کي سهارو
بڻائي ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو معلوماتي هجڻ سان گڏ ميگهواڙ برادري جي نوجوانن
لاءِ انتهائي اُتساهيندڙ ثابت ٿيندو. جوڳو برادري جي ورتل معلومات موجب ڳوٺ هريار
جو آباد ٿيڻ، ماتا مالهڻ ديوي جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيئي ماتا جي سمورن پوڄارين کي
مونجهارن مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
توڙي جو هي ڪتاب ننڍي ۽
ٿوري سطح جي باشندن بابت آهي، پر ان مان ملندڙ سبق سمورن ذات وارن لاءِ موجود آهي،
ته ان مان هرڪو لاڀ پرائيندو ۽ پنهنجي عملي زندگي ۾ ان جو نقل ڪري سماج ۽ تاريخ ۾
موجود گهڻن انڌيڪارن کي مٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو.
ٻيو حصو جنهن ۾ ليکڪ هڪ
سهڻي انداز سان پوري سنڌ ۾ رهندڙ جوڳو ذات جي هر فرد جو نالو، ان جي پيءُ ماءُ جو
نالو ۽ ذات شجرو ۾ بيان ڪيو آهي، ته اهو فرد ڪٿي رهي ٿو ۽ ان جا وڏا ڪير هئا؟ ڇا
ڪري ٿو، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت هر ڪنهن جو تفصيل ڄاڻايل آهي.
هي تفصيل دراصل سنڌ ۾
رهندڙ ميگهواڙ برادري جي هڪ ذيلي ذات آهن، جنهن کي جوڳو سڏجي ٿو. سنڌ ۾ رهندڙ
سمورا جوڳو ذات وارا اصل تعلقو ڇاڇرو حال مٺي، تعلقي جي هڪ ڳوٺ هريار مان پکڙيا
آهن. ليکڪ ان ڳوٺ هريار جو رهواسي آهي. هو جڏهن اها حقيقت پنهنجن وڏن کان ٻڌي ٿو
ته شوق ٿو جاڳيس، انهن سمورن جوڳو ذات جي باشندن جو پيڇو ڪجي، سندن نالا ۽ شجرا
لکي ڳوٺ هريار ۾ رهندڙ سندن اصل ڏاڏي سان ملائجي، جوڳو اصل ۾ ان ڏاڏا جو نالو هو،
جنهن جي بنياد مان هي ذات جوڳو ٺهي. تفصيل لکڻ جو طريقو هي اختيار ڪيو ويو آهي.
فارميٽ ٽن پوائنٽن تي مشتمل آهي، پهرين نالو ۽ ولديت ٻيو شادي ۽ ٽيون اولاد، سندس
نالو ڦلاڻو آهي، شادي ڳوٺ ڦلاڻي مان ڦلاڻي ڌي ڦلاڻي سان پرڻيو، ۽ ٽين پوائنٽ ۾
اولاد جو تعداد، پٽن ۽ ڌيئرن جا نالا آهن. پٽ جي شادي ٿئي ته ساڳئي طريقي سان لکيو
ويندو، ڌي جي شادي ٿئي ته ڳوٺ فلاڻي ۾ نالو فلاڻو ولد فلاڻو ذات فلاڻي کي پرڻائي
ڏني پوءِ ڌي جو شجرو، جتي پرڻائي ڏني، اتان کان لڳندو، جوڳو برادري جي 120 ڳوٺن
کان مٿي تفصيل ورتو ويو آهي. ڏند ڪٿائن موجب ذات جوڳو جي پيڙهي اٽڪل پنجٽيهه
پيڙهين تائين راٺوڙن سان ملي ٿي، بعد ۾ ڪن حالاتن جي ڪري ڪنورٽ ٿي ميگهه ونس ۾
داخل ٿيا، اڳ ۾ ڪنهن کي به ڪا يقيني پيڙهي
بابت معلومات نه رهي آهي، پر اها شجرو ڀاٽن
وڏن کان به پڇا ڪري جوڳو سان ملايو آهي.
ڪٿي اهڙا به ڀائر مليا،
جن کي پنهنجي ڏاڏي کان مٿي پيڙهي نه ٿي اچي، هن کي هاڻ احساس ٿيو آهي، ته پيڙهي
ياد رکڻ ضروري آهي. اها قوم جنهن جي تاريخ آهي، اها زنده قوم آهي، تاريخ کانسواءِ
منجهيل آهي، ان ڳالهه جو خيال رکيو ويو آهي ته ڪو نمايان ڪردار فرد آهي ته ان جي
تاريخ لکي ويئي آهي ۽ تصوير به ڏني ويئي
آهي، ته جيئن سندس ڪردار ڳچ عرصي تائين ياداشت ۾ رهي سگهي.
فقط
انجنيئر گيانچند
سينيٽر، بالا پارليامينٽ آف پاڪستان
تعارف
هن ڪتاب ”جوڳو ونس
اتهاس“ جو لکندڙ يا مرتب محترم گومن مل ولد ڀڳت تيجارام راٺوڙ مورخه 1963 – 02 –
27ع تي ڳوٺ هريار ۾ جنم ورتو. جيڪو ليکڪ،
اديب، يا محقق نه آهي، پر هڪ غريب مزدور گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ۽ پوليس کاتي ۾ ملازمت
ڪندڙ فرد آهي، سندس ننڍپڻ جي حالتن ۽ عملي زندگي جي صورتحال مان بلڪل نه ٿو لڳي ته
گومن مل ڪو اهڙو عمدو ڪتاب لکي سگهي ٿو، پر هن ائين ڪري ڏيکاريو جيڪو هڪ انقلابي
قدم کان گهٽ ناهي. هو ان لاءِ لکين جس لهي، شروعاتي تعليم پنجون ڪلاس 1977ع ۾
پنهنجي ڳوٺ هريار مان، مڊل تعليم سال 1980ع ۾ مڊل اسڪول ڀوريلو، مئٽرڪ سال 1982ع ۾
هاءِ اسڪول مٺي، انٽرميڊيئٽ سال 1985ع ۾ بوائز ڪاليج مٺي مان امتحان پاس ڪيا. 1987
– 08 – 12 تي ميرپورخاص ضلعي ۾ بطور سپاهي ڀرتي ٿيو. بي اي سال 1988ع ۾ ايم اي سال
1990ع ۾ ٽنڊو جان محمد ڊگري ڪاليج ۽ ايل ايل بي سال 2007ع ۾ لا ڪاليج ميرپورخاص
مان پاس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو اڄ ٿرپارڪر ضلعي ۾ پوليس کاتي ۾ ضلعي سطح جو
آفيسر مقرر ٿيل آهي، جيڪا پڻ هڪ باعث فخر حيثيت آهي. سال 1988ع کان 2002ع تائين ۽
پي ايس ڪوٽ غلام محمد تي نائب محرر سال 2003ع ۾ پي ايس سامارو تي هيڊ محرر، سال
2004ع ۾ پي ايس ٽنڊو يوسف، سال 2005ع ۾ پي ايس جي او آر حيدرآباد سال 2006ع ۾ پي
ايس هٽڙي حيدرآباد ۽ سال 2007ع کان 2009ع تائين پي ايس مٺي ٿر ۾ سٺي حيثيت سان هيڊ
محرر ٿي رهيو آهي.
فقط
ڊاڪٽر
راڻا سي راٺوڙ
ميرپورخاص
ارپنا
هن دنيا ۾ جيڪو انسان پيدا ٿئي ٿو اهو
آخر پرلوڪ پُڻ پڌاري ٿو. اسان جي سماج ۾ اُن انسان جي تاريخ رکڻ ضروري آهي، ليڪن
ماڻهن ۾ اهو شعور تمام گھٽ آهي. مونکي هن ڳالهه جو تمام گھڻو فڪر ٿيو ته انسان
پيدا ٿيڻ بعد هن دنيا ۾ ڪهڙا ڪارناما ڪري ٿو.ليڪن ٻن ٽِن پيڙهين کانپوءِ اڪثر ان
جو نالو به ياد نٿو رهي انهي جي ڪري تاريخ لکڻ انسان کي زنده رکڻ آهي. مون جيڪا
اها ”جوڳو ونس اتهاس“ ڪتاب لکيو آهي. اهو پنهنجي ذات جوڳو ۽ پنهنجي پتا سنت
تيجارام، ماتا آنٻو ٻائي ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ، مومل جي نالي ارپڻ ڪريان
ٿو.اُميد ته ٻين ڀائرن ۾ پِڻ انهي قسم جو شعور پيدا ٿيندو.
دُعائن ۾
گومن مل راٺوڙ
ارپنا
آئون هي ڪتاب جوگو ونس اتهاس
پنهنجي ذات جوڳو پنهنجي پتا سنت تيجارام،
ماتا آنٻو ٻائي ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ، مومل جي نالي ارپڻ ڪريان ٿو.اُميد ته ٻين
ڀائرن ۾ پِڻ انهي قسم جو شعور پيدا ٿيندو.
منهنجي سوچ: پرماتما يا ايشور جنهن جا انيڪ نالا آهن. جنهن تي وشواس ڪري ان جي مخلوقات جو قدر
ڪجي انسانذات سان محبت ڪجي دين، ڌرم جي اصولن تي هلڻ کپي جنهن سان ڀگوان جو سئون
رستو ملي سگھي ٿو. هر انسان ڪرمن جي انوسارن تحت پيدا ٿئي ٿو. جنهن کي ڏک ۽ سک ملن
ٿا ته ڪرمن ۾ ڪِٽي پار پوڻو آهي. ڪال، ڪروڌ لوڀ، لالچ، تڪبر، وڏائي ٺڳي، دوکو ساڙ
حسد، ڪينو، ڪُپت بدنيتي کان پاسو ڪجي. ڏک ۽ سک ملڻ تي اِرهو ۽ سِرهو نه ٿجي ڪنهن
جي دل کي نه ڏکوئجي. نيڪ نيتي رکجي سادگي سان هلي انسانيت جا سُٺا خيال رکجن. هر
بُرائي کان پاسو ڪجي ڀلائي ۽ سچ جا ساٿي ٿيو. ڏکئي وقت تي همت نه هارجي حوصلا
بُلند ڪري اُن جي حل لاءِ سوچيو. مت ڀيد نه رکو هر ڪم نيڪ نيتي ۽ پڪي ارادي سان
ڪريو. مات پتا جي شيوا ڪريو. ڪنهن سان نفرت نه ڪريو. فرضن جي مڪمل ادائگي ڪريو
ڪرمن جي انوسار تحت جيڪي به ڏک سک ، فائدو نقصان، عزت ذلت ملڻي آهي اُها توهان جي ڪرمن جي انوسار تحت ملي سگھي ٿي.
دُعائن ۾
گومن مل راٺوڙ ولد سنت تيجارام
ڳوٺ: هريار تعلقه مٺي
ٻه اکر
پي ايس آءِ گومن مل
راٺوڙ اسان وٽ آفيس ۾ بحيثيت پراسيڪيوٽر سب انسپيڪٽر ليگل برانچ ۾ ڊيوٽي سرانجام
ڏئي رهيو آهي، جيڪو تعليم يافته، ايماندار، ڊيوٽي ۽ ٽائيم جو پابند، سُٺي سوچ
رکندڙ شريف آفيسر آهي، هن پنهنجي ذات ميگهواڙ ”جوڳو ونس“ جو ڪتاب لکيو آهي، اهو هڪ
قوم لاءِ تاريخي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽي ڪندي به پنهنجو قيمتي وقت
سيڙائي پنهنجي ذات لاءِ نيڪ نيتي سان سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي.
دُعائن ۾
عاشق علي بوزدار
ايس پي، ٿرپارڪر، ايٽ مٺي
2015 – 06 - 05
پيش لفظ
”جوڳو ونس اتهاس“جو ليکڪ ڳوٺ
هريار جو رهواسي گومن مل پوليس کاتي ۾ آفيسر آهي. جنهن پنهنجي ذات جوڳو جو شجرو لکي
ساراهه جوڳو ۽ تاريخي ڪم ڪيو آهي. انهي مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گومن مل تاريخي ڪم ڪرڻ جو شوق رکي ٿو ۽ غريبن جي همدردي
جو ڏاڍو چاهه اٿس. پنهنجي والد صاحب ۽ شڪتي مالهڻ ديوي جا پڪا مندر اڏائڻ کانپوءَ هريار
کان نڪتل جوڳو برادري جا پيرا کڻي سندن شجره گڏ ڪرڻ جي جيڪا جاکوڙي ڪئي آهي، سا
تاريخ ياد رکندي ۽ پوري برادري کي ڄڻ اونداهه مان ٻاهر ڪڍڻ جو مشڪل ۽ ڏکيو ڪم ڪيو
آهي. هر ماڻهو جو نالو، پيءُ ۽ ڏاڏي کان وٺي پونئين پيڙهين تائين معلومات حاصل ڪرڻ
سچ ته اڻ ورچ ماڻهو جو ڪم آهي، جيڪو هن ڪري ڏيکاريو، سندس اها محنت ميگھواڙ برادري جي جوڳو ذات لاءَ
توڙي ٻين سمورين ذاتين ۾ هڪ نئين رُجھان جو ٻج ثابت ٿيندو. مونکي اُميد آهي
ميگھواڙ قبيلي جي سمورين ذاتين وارا پڙهيا لکيا ڀائر اڳتي ايندا ۽ هن طرز جا ڪتاب
ڇپرائيندا ته جيئن ميگھواڙ قبيلي جي ڄاڻ گڏ ٿي سگھي. اها به حقيقت آهي ته سڄي
ميگھواڙ قبيلي بابت ڄاڻ هڪ ماڻهو جي هٿان هڪ ئي ڪتاب جي شڪل ۾ ممڪن نه آهي. انڪري
بهتر آهي ته هر ذات جو الڳ ڪتاب ڇپرائي ۽ پوءِ انهن تي ٻڌل هڪ گُلدستو تيار ڪري
ڀائرن تائين پهچائجي.
آخر
۾ آئون گومن مل سندس سهڪاري مهربان دوستن کي جس ڏيندس ۽ ٿورو مڃيندس جو هن نموني
جو ڪتاب تيار ڪري هڪ اعليٰ روايت جو بنياد وڌو آهي.
دعائن ۾
ڊاڪٽر کٽو مل جيون
ميمبر سنڌ اسيمبلي
0 comments:
Post a Comment