مهاتما گوتم ٻُڌ
گوتم ٻُڌ اصل نالو سڌارٿ ولد سڌو ڌن ۽ ماءٌ مايا راڻي ذات
کتري سال 568 قبل مسيع ۾ ڪپل وستو ۾ پيدا ٿيو. جو راجائي خاندان مان هو. 16 سالن ۾
يشودا سان شادي ٿي. ان مان هڪ پٽ ٿيو. هن کي انسان ذات جي بيوسي ۽ لاچاري بابت وڏو
فڪر هوندو هو. انهي فڪر ۾ محلات، ماڙيون گھر ٻار ڇڏي جھنگ ۾ وڃي 6 ڇهه سال تائين
بکيو اُڃيو رهي ڀگوان جي تپسيا ڪئي. جو بي حال ٿي ويو. آخر نرواڻ حاصل ٿيو. اُن
وقت سناتن ڌرم ۾ وڏو مت ڀيد هوندو هو. انهي کي ختم ڪرڻ ، برابري جو درجو ڏيارڻ
لاءِ ماڻهن کي نرواڻ ڏنو. سندس پيءَ به خلاف هو. هن جي نرواڻ، هن جي خاندان ۽ ٻين
تي وڏو اثر ڪيو. جو ڪافي ملڪن تائين هن جي پرچار پکڙجي ويئي. ۽ گوتم ٻُڌ جي نالي
سناتن ڌرم کان الڳ هڪ پنٿ مشهور ٿي ويو. جنهن سان ماڻهن کي انسانيت جو سٺو رستو
اختيار ڪرڻ لاءِ تعليم ملي. افغانستان،چين ۽ ٻين ڪافي ملڪن ۾ گوتم ٻُڌ جا پوءَ لڳ
۽ مجسما ٺهيل آهن. 45 سال لڳاتار پرچار ڪرڻ بعد 80 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو.
جنهن کي وڏي عزت جي نگھاءَ سان ياد ڪيو ويندو آهي .
گُرو نانڪ
گرو نانڪ ولد مهته ڪالو چند ذات کتري ويٺل ڳوٺ تلوندي ضلعه
شيخو پوري لڳ لاهور پنجاب ۾ سال 1469ع ۾ پيدا ٿيو. هندي،فارسي ۽ ٻين ڪافي زبانن ۾
صوفين ۽ شاڌن جي صحبت ۾ رهي روحاني درجي جي تعليم حاصل ڪئي. 30 سالن جي عمر ۾ هو
گُرو بڻجي ويو. ان وقت سناتن ڌرم ۾ وڏي مت ڀيد ڏسي انهن انسانن جي برابري لاءِ الڳ
سک ڌرم ٺاهيو. جنهن ۾ ڪافي ماڻهو شامل ٿيا. هندن ۽ مسلمانن ٻئي هن کي مڃندا هئا.
گُرو نانڪ جي تعليم گرنٿ صاحب ۾ مڪمل ملي ٿي. گرنٿ معنيٰ ڪتاب صاحب معنيٰ سردار.
اهو ڪتاب سکن جي مذهبي قانونن تي ٻڌل آهي. انهي ۾ ڪوبه مت ڀيد نه رکيل آهي ڀڳت
ڪبير، ڀڳت رويداس، ميران ٻائي ۽ گُرو نانڪ لڳ ڀڳ هڪ ئي دور جا آهن. گُرو نانڪ صاحب
جا ٻه پُٽ نالي شريچند ۽ لکميچند ۽ هڪ ڌيءَ هئي. سال 1539ع ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾
فوت ٿي ويو. هن انسان ذات کي برابري ۽ چڱائي جو رستو ڏيکاريو آهي.
ڊاڪٽر بابا صاحب ڀيم راءِ امبيڊڪر
ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر ولد رامجي
ماءٌ ڀيمان ٻائي ذات مهار صوبه مهاراشٽر موجوده (مديه پرديش) 14 اپريل 1891ع ۾ جنم
ورتو. پنهنجي والدين جو چوڏهون ۽ آخري اولاد هو. رامجي جو ڪُل اولاد مان ٽي
ڇوڪرا ۽ چار ڇوڪريون بچيون ٻيو اولاد ننڍپڻ ۾ ئي گُذاري ويو.ڇهن سالن جي عمر ۾ هن
جي ماءُ ڀيمان ٻائي گُذاري وئي. ۽ هن جي پيءَ ٻي شادي نالي جيجا ٻائي سان ڪئي.. هن
جي ڏاڏَي جو خانداني نالو سنڪپال هو. هي
خاندان اصل ڳوٺ امباواڙي سان تعلق رکندڙ هو. جنهن ڪري ماڻهو نالي پويان امباويڊڪر
لکندا هئا. .هن ابتدائي تعليم ساتارو هاءَ اسڪول مان سال 1900ع کان انگريزي ۾ شروع
ڪئي. ڏاڍو هوشيار ۽ چالاڪ هوندو هو. اُن وقت اڇوتن سان وڏو مت ڀيد هوندو هو. ان جو
اُستاد برهمڻ هو. جيڪو هن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. ماني ۽ ميوو پڻ ٽفن ۾ کڻي هن کي
کارائيندو هو. جنهن اُستاد هن جي نالي ڀيوا مان پنهنجي خانداني نالو
امبيڊڪر رکايو. جيڪو اڳتي هلي ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي نالي سان مشهور ٿيو. شادي 14 سالن جي عمر ۾ 15 سالن جي ڇوڪري نالي رامي ٻائي سان
سال 1906ع ۾ ٿي جنهن مان هڪ پُٽ نالي جشونت ۽ هڪ ٻيو پُٽ ننڍي عمر ۾ گُذاري ويو.
سال 1913ع ۾ سندس پي رامجي پڻ گذاري ويو. سندس گھر واري رامي ٻائي پڻ سال 1932ع ۾
گذاري ويئي. ٻي شادي ڊاڪٽر شاردا ڪبير سان 15 اپريل 1948ع ۾ ٿي. جيڪا ڊاڪٽر سويتا
امبيڊڪر جي نالي سان ٿي. سال 29 مئي 2003ع تي هي فوت ٿي ويئي. جنهن مان ڪوبه اولاد
ڪونه هو..ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر وڏو فلاسافر،سياستدان ۽ قانوندان هو. جنهن سناتن
ڌرم ۾ مت ڀيد ختم ڪرڻ لاءِ مهاتما گانڌي سان وڏي جنگ جوٽي، آخر اڇوت هئڻ ڪري ڪامياب
نه ٿي سگھيو. جنهن ڪري پنج لک پنهنجي اڇوتن سان گڏ هندو ڌرم ڇڏي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو
هن انڊيا جو آئين لکيو آهي. هندستان جو وزير قانون پڻ رهيو.6 ڊسمبر 1956ع تي 65
سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.هر سال 14 اپريل
تي انڊيا جو صدر وزير اعظم ۽ ٻيا هن جي ياد ۾ موم بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪندا آهن.. هن
کي دنيا عزت جي نگھاءِ سان ياد ڪندي آهي.




0 comments:
Post a Comment